ڀرياسٽي ويجھو روھڙي ڪئنال مان نوجوان جو لاش ھٿ

ڀرياسٽي (ت ر) ڀرياسٽي ويجھو روھڙي ڪئنال مان نوجوان جو لاش ھٿ آيو ۔ شھرين ۽ ڳوٺاڻن نوجوان جو لاش ڏسي ڀرياسٽي پوليس  کي اطلاع ڏنو۔ جنھن بعد ڳوٺاڻن نوجوان جو لاش ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ۔جتي نوجوان جي سڃاڻپ ڳوٺ وزير سولنگي واسي 45 ورھين جي ھاشم سولنگي ولد حاڪم سولنگي طور ڪئي وئي. ان موقعي تي نوجوان جي سوٽ محمد بچل سولنگي ٻڌايو ته سوٽ جو دماغي توازن درست نه ھو جيڪو ٻن سالن کان دماغي دوا کائيندڙ آھي ۔ نوجوان شادي شدھ آھي کيس ٽن نياڻين ۽ ٻن پٽن جو اولاد آھي ۔ ھن وڌيڪ ٻڌايو ته سوٽ گھران تقريبا 10.30 وڳين ڌاري نڪتو ھو ٻن ڪلاڪن بعد ٻڏي فوت ٿيڻ جو اطلاع مليو ۔ جڏھن ته ٻئي پاسي معلوم ٿيو آھي ته نوجوان روھڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏيئي خود ڪشي ڪئي آھي ۔ جڏھن ته سندس وارث لاش آباڻي ڳوٺ وزير سولنگي کڻائي ويا ۔ لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام برپا ٿي ويو ۔ نوجوان کي مٽي ماء حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.