لاڙڪاڻي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب نينگر فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي الھ آباد پاڙي ۾ 9 ورهين جو نينگر مدثر پٽ ارشاد کوکر وهنجڻ دوران پاڻي واري موٽر مان بجلي  ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي پيو جنهن کي وارثن بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽر طبي معائني بعد نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جنهن تي وارث لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي فوتي نينگر جي وارثن ٻڌايو ته مدثر گهر ۾ وهنجي رهيو هو جتي پاڻي واري موٽر مان بجلي ڪرنٽ لڳڻ سبب هو بيهوش ٿي پيو جنهن کي اسپتال داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن سندس جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي گهر روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.