لکي غلام شاهه ۾ ڀت ڪرڻ سبب ٻارڙو دٻجي فوت

لکي غلام شاھه (ت ر) لکي غلام شاھ لڳ ڳوٺ وزيرآباد ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ ڀرسان گهر ٻاهران 2 ورهين جو معصوم نينگر حسنين پٽ  نظر محمد مهر گهٽيء ۾ راند کيڏي رهيو هو ته اوچتو گهر جي ڀت ڪرڻ سبب ڀت هيٺان دٻجي فوت ٿي ويو، جنهن کي وارثن سول اسپتال لکي غلام شاھ پهچايو جتي ڊاڪٽرن پاران نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنهن کان پوءَ ضروري ڪارروائي بعد نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو جنھن کي وارث پنهنجي ڳوٺ وزيرآباد کڻائي پهتا ته معصوم نينگر جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.