ڪنري ڀرسان گهر جي ڀت ڪري پئي، نينگر دٻجي فوت

ڪنري (ت ر)ڪنري ڀرسان ڳوٺ حيدر کوسو ۾ گھر جي ڀت ڪرڻ سبب 7 ورھين جو معصوم نينگر صمد ولد عبدالمجيد کوسو ۽ 10  ورھين جو احمد علي ولد عبدالمجيد کوسو زخمي ٿي پيا، ٻنھي نينگرن کي تعلقي اسپتال ڪنري نيو پئي ويو ته ھڪ نينگر صمد کوسو رستي ۾ فوت ٿي ويو، فوتي جي مڙھ ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران صمد جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، جنھن بعد نينگر جي لاش کي گھر منتقل ڪيو ويو ۽ زخمي کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته نينگر راند ڪري رھيا ھئا ته گھر جي ڪچي ديوار مٿس ڪري پئي جنھن سان ھڪ نينگر فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيا، فوت ۽ زخمي نينگر پاڻ ۾ سڳا ڀاءُ ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.