لاڙڪاڻي ڀرسان رڪشا جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ڀرسان ککراڻي باءِ پاس روڊ تي تيز رفتار چنگچي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾  موٽرسائيڪل سوار رشيد وڳڻ جي ڳوٺ مسڪين آباد واسي نوجوان محمد خان بروهي ۽ سندس ڀاءُ شفيع محمد بروهي سخت زخمي ٿي پيا، حادثي بعد چنگچي ڊرائيور فرار ٿي ويو، اطلاع تي آسپاس جي ماڻهن پهچي ٻنهي زخمين کي کڻائي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي نوجوان محمد خان بروهي فوت ٿي ويو جڏهن ته زخمي کي طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي فوتي نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته محمد خان بروهي پنهنجي ڀاءُ شفيع محمد بروهي سان گڏجي موٽرسائيڪل تي ڪم سانگهي ڳوٺ کان لاڙڪاڻي شهر ڏانهن اچي رهيا هئا ته ککراڻي باءِ پاس روڊ تي تيز رفتار چنگچي جو سندن جي موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ محمد خان بروهي فوت ۽ سندس ڀاءُ زخمي ٿيو آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي جو لاش وارثن ڳوٺ ڏانهن کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.