پکو لڳ نوجوان اٽي چڪي جي پٽي ۾ وچڙي فوت

پکو ( ن ع آ )پکو لڳ نوجوان اٽي جي چڪي ۾ وچڙي فوت ٿي ويو , وارثن ۾ قھرام مچي ويو , ان ڏس ۾ ککراڻي پاڙي ۾ 19  ورھين جو نوجوان لياقت علي پُٽ بخشل ابڙو اٽي جي چڪي جي پٽي ۾ ڪپڙا ڦاسڻ سبب شافٽ ۾ وچڙي ڪيتري دير تائين ڦاٿل رھيو جڏھن ته موقعي تي موجود ماڻھن مشين بند ڪري نوجوان کي شافٽ مان ڪڍيو تيستائين نوجوان فوت ٿي چڪو ھو اھڙي فوتي نوجوان مڙھ گھر نيڻ تي وارثن ۾ قھرام مچي ويو , امڙ مڙھ کي چنبڙي بيھوش ٿي وئي ۽ ماحول سوڳوار ٿي ويو ان حوالي سان فوتي نوجوان جي پيءُ بخشل ابڙو ٻڌايو ته منھنجي پُٽ لياقت علي ڳوٺ ۾ اٽي جي چڪي قائم ڪئي ھئي جتي ھُو مشين جي پٽي ۾ وچڙي فوت ٿيو آھي جنھن جو ڏاڍو ڏک ٿيو آھي , ھوڏانھن حد جي ڳيريلو ٿاڻي تي پوليس واقعي جو اتفاقي ڪيس درج ڪري ڇڏيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.