نوشهري ۾بدامني، دڪانن مان چوري، شهري کان 9 لک رپيا ڦر

نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهري ۾بدامني، دڪانن مان چوري، شهري کان 9 لک رپيا ڦر تفصيل موجب گذريل ڏينهن نوشھروفيروز شھر جي هيٺائين چوڪ تان ٽن دڪانن جا تالا  ٽوڙي سامان ۽ نقد رقم ٻهارڻ، ساڳي  ئي ڏينهن تي ڏينهن ڏٺي جو بئنڪ تان پئسا ڪڍرائي موٽندڙ سيٺ رحمت کوکر کان المڪه هوٽل وٽ نامعلوم ماڻهن پاران هٿيارن جي زور تي 9 لک رپيا ڦر ڪرڻ کان پوء اڄ رات نوشھروفيروز جي وارڊ نمبر 2 قاضي محلا کان گهر ٻاهران بيٺل شھر ي احمد پيرازه جي سي ڊي 70 موٽرسائيڪل 2016 ماڊل نامعلوم چاٻي چورڪاهي فرار ٿي ويا، جڏهن ته ڳوٺ ڌڻي بخش سمون مان چور ڳوٺاڻي بشير احمد سمون جون 2 ڀلوڙ ٻڪريون ڪاهي ويا۔ نوشھروفيروز ضلعي اندر ڏينهون ڏينهن بدامني وڌڻ ڪري سياسي سماجي ڌرين ۽ شھرين پاران افسوس جو اظهار ڪندي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته بدامني تي ڪنٽرول نه ڪرائيندڙ نااهل ايس ايس پي الطاف لغاري کي هٽائي شھرين مان ڦر ٿيل رقم ۽ گاڏيون واپس ڪرائي ضلع واسين کي سک جو ساه کڻڻ ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ ايس ايس پي نوشھروفيروز خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.