پيرڳوٺ لڳ گهر مان ڦر، مزاحمت تي فائرنگ، علائقي ۾ خوف

پيرجوڳوٺ ( ن ع آ ) پيرجو ڳوٺ جي ڪچي آبادي ڪالوني ۾ هٿياربندن اياز دايو جي گھر ۾ داخل ٿي موٽرسائيڪلون  ۽ ٻڪريون ڦر  ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مزاحمت تي ڇتي فائرنگ ڪئي، جڏهن ته فائرنگ سبب شهر ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. جڏهن ته پيرجو ڳوٺ پوليس پهچي هٿياربندن سان مقابلو ڪيو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ بعد هٿياربند فرار ٿي ويا. جڏهن ته ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين فائرنگ ٿيڻ ڪري شهر ۾ خوف حراس پکڙجي ويو. ٻئي طرف ايس ايڇ پيرڳوٺ دلي جان مگسي جو چوڻ آهي ته هٿياربندن وڏي واردات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس بروقت پهچي ان کي ناڪام بڻايو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.