ميهڙ جي ٻن ڌرين جو وارهه لڳ رٽائرڊ ايس ايس پي جي سرپئچي ۾ جرڳو

ميهڙ ( ن ع آ ) وراهه لڳ ڳوٺ فيض محمد سوڍر ۾ ميھڙ جي ٻن ڌرين گلزارڀٽي ۽ سڪندر کرل وارن وچ ۾ ڪجھ مھينا اڳ ٻارن جي ڳالھه  تان جھيڙو ٿيو ھو جنھن جو اصلاحي فيصلو (ر)ايس ايس پي احمد علي سوڍر جن وٽ ڌرين جي مشيرن سڪندر سوڍر(SUP)  صدر ضلع دادو  پ پ اڳواڻ ڀوتارساجد خان جانوري رئيس منظور چانڊيو، ظھور احمد ڳورڙ، مدد علي کوکر جي مشاورت سان مسجد شريف ۾ويھي  صلاح مصلحت ڪري گلزار ڀٽي واري ڌر تي چوڏھن لک رپيا حرج خرچ رکيو  جيڪي ٽن قسطن ۾ ادا ڪندا ياد رھي ت کرل ڌر پاران ھڪ ڄڻي کي مارڻ جو الزام ڀٽي ڌر تي ھنيو ھيو جيڪو ارادن طور قتل ثابت نه ٿيو پر جھڳڙي جي جڳھه تي موت ٿيو جنھن ڪري جھڳڙي جي وجھه  جي ڪري جاءِ  واردات تي طبي موت ٿيڻ جي ڪري وڌيڪ انساني جانيون نقصان کان بچڻ لاءِ حرج رکيو ويو جيڪا به ڌر ھن فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪندي ڏھ لک رپيا ڀريندي ڌرين فيصلو قبول ڪري قران پاڪ تي ڀاڪر پاتا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.