گمبٽ ۾ اهلڪار عورت پر اسرار نموني فوت، مڙس تي زهر ڏئي مارڻ جو الزام

گمبٽ ( رپورٽ: الهداد اڄڻ ) گمبٽ ڀر سان ريلوي اسٽيشن واسي پوليس اهلڪار عورت بخاور شيخ پراسرار نموني فوت,وارثن پاران مڙس تي زهر ڏئي مارڻ جو شڪ ظاهر, پوليس عورت جو لاش پوسٽ  مارٽم  لاءِ کڻي گمس اسپتال پهتا.عورت جي ڀاءُ ساجد شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شڪ آهي ته منهنجي ڀيڻ بختاور شيخ کي سندس مڙس زهر ڏئي ماريو آهي بيھوشي واري حالت ۾ ڀيڻ کي کڻي اسپتال پهتاسين ته ڊاڪٽرن به صحيح علاج نه ڪيو. مسمات بختاور تڙپي  تڙپي فوت ٿي وئي. پوسٽ مارٽم ڪرائي اسان جي نياڻي سان انصاف ڪري جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو وڃي، ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته گمس اسپتال ۾ فوتي عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ آندو ويو آهي وارث سندس مڙس تي زهر ڏيڻ ۽ ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام هڻي رهيا آهن.پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.