ميرپورخاص ۽ ڀرپاسي چورين ۽ ڦر جي وارداتن ۾ واڌ

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ چورين ۽ ڦر جي وارداتن جو آزار وڌي ويو، تفصيل موجب  ميرپورزخاص لڳ مکڻ سمون اسٽاپ تي موٽرسائيڪل تي سوار ٽن نامعلوم هٿياربندن جميل گدي جي دڪان تي ڪاه ڪري دڪان مالڪ سميت ٻين کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي دڪان ۾ رکيل 80 هزار روپيا، ايزي لوڊ ڪرڻ وارا موبائيل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا واقعي جي اطلاع تي حد جي پوليس کي ملڻ تي حد جي پوليس علائقي جي ناڪابندي ڪري ڦورن جي تلاش شروع ڪئي پر پوليس پنهنجي قديمي روايت کي برقرار رکندي ڦورن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي واضع رهي ته ڪجھ ڏينهن اڳ نامعلوم چور ميرواهه گورچاڻي جي حد ۾ دڪان کي کاٽ هڻي دڪان مان ليکن روپيا چوري ڪري فرار ٿي ويا هئا ۽ چوري ۾ ملوث چورن کي پڻ گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.