اوٻاوڙي ۾بدامني، دڪان مان چانورن ۽ کنڊ جا 2 سئو ڪٽا چوري

اوٻاوڙو (رپورٽ : ظهور گل ڏهر) اوٻاوڙي ۾بدامني، دڪان مان چانورن ۽ کنڊ جا 2 سئو ڪٽا چوري تفصيل موجب  اوٻاوڙو ٿاڻي تي نئي  آيل ايس ايڇ او قلب عباس شاه کي اينديئي چورن پاران سلامي رات جو دير سان وچ شھر اندر دڪاندار سليم غوري جي گدام مان  تالا ٽوڙي لکين روپئين جا چانور کنڊ جا ٻه سئو کان وڌيڪ ڪٽا گاڏي ذريعي چوري ڪندي شھر مان آساني سان فرار ٿي ويا صبح جو سوير گدام مالڪ تالا ٽٽل ڏسي اهڙو اطلاع اوٻاوڙو پوليس کي ڏنو جتي ايس ايڇ او اوٻاوڙو قلب عباس شاهه ڪاظمي واقعي واري هنڌ پهچي  گدام جو معائنو ڪندي پوليس کي چوڪس ڪري ڇڏيو علائقي ۾ سخت چيڪنگ شروع پر پوليس کي چور هٿ نه اچي سگهيا جنهن بعد اهڙي واقعي جي اين سي اوٻاوڙو ٿاڻي تي داخل ان موقعي تي متاثر دوڪان مالڪ ميڊيا کي دانهندي چيو ته اسان ڪاروباري ماڻهون هاڻي پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳا آهيون گذريل ٻه ڏينهن اڳ وچ شهر مان رنگساز جي مشهور واپاري شهزاد ملڪ جي دوڪان مان ڦورو اٺارهن لک روڪ رقم هٿيارن جي زور تي ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا جيڪو پوليس انتظاميه مٿان هڪ سواليه? نشان بڻيل آهي اسين مطالبو ڪيون ٿا ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل کان چوري ٿيل سامان لکين روپين جو سامان فوري طور تي واپس ڪرائي ڏنو وڃي ۽ اسان شهرن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.