سڪرنڊ ۾ ستار رند جي ڪتاب جي مهورت

سڪرنڊ ( ن ع آ )  سنڌ جي نالي واري ناول نگار ۽ ڪالم نويس مرحوم ستار رند جي ناولن جي ڪتاب ” يادن کي الوداع “ جي مهورتي  ۽ سندس جنم ڏينهن جي حوالي سان گڏيل تقريب سنڌ ٿنڪرس فورم جي چيئرمين سيد محمد منير شاھ پاران درگاھ پير ذاڪري تي انتهائي شاندار نموني ملهائي وئي، جنهن ۾ کيس ، سندس ناول ۽ جنم ڏينهن تي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن مان اديبن ، ڏاهن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي درگاھ پير ذاڪري جي سجاده نشين سيد محمد منير شاھ ڳالهائيندي چيو ته ستار رند جي چڙ واري طبيعت کيس زندگيءَ ۽ حالات سان ڪمپرومائيز ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ هُن جي زندگي مان بيزاري محسوس ٿيندي هئي جنهن بعد هن جي اها ڪيفيت سندس ناولن مان چٽي طرح ظاهر ٿي رهي آهي. ، ڏاهي فتاح دائود پوٽو چيو ته ستار رند وقت کان اڳ ويو هليو سندس جي اڃا سنڌ کي ضرورت هئي، ستار رند جي ڀاءُ صالح رند چيو ته اسان ماءُ پيءُ جي اولاد ۾ امان ستار رند کي وڌيڪ ڀائيندي هئي هُو به ان جو سلو محبتن جي بدلي ڏيندو هو سڪندر خشڪ چيو ته ستار رند ڄمندي ڄام هو پر اسين ساڻس ڀوڳ ڪندا هئاسين ته توکي پڇ ٻڌي مهري اسان ڪيو هو، تقريب کي ڊاڪٽر حميد سومرو، ليکڪ منوج ڪمار،  منور سراج ۽ ٻين خطاب ڪيو، ان موقعي تي ڊاڪٽر اشونما ، ڊاڪٽر قدير ميمڻ ، ماڻڪ ملاح ، حنيف سومرو ، جهانگير ڏاهري ، علي نواز ڏاهري ۽ ٻيا موجود هئا آخر ۾ ناول جي مهورت ڪرڻ بعد سالگرھ ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.