برابر نمائندگي لاءِ تڪ ننڍا ڪيا وڃن:اياز پليجو

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته جمھوريت جو مطلب برابر آھي ناانصافي ۽  اڻبرابري واري روش محروميون پيدا ڪيون آھن. قومي اسيمبلي ۾ سڀني صوبن کي برابر نمائندگي لاءِ ھڪ جيتريون تڪ بنديون ڪيون وڃن. تڪ ننڍا ڪيا وڃن تہ جيئن مڊل ڪلاس ۽ پورھيت طبقي جا نمائندا آسانيءَ سان ايوانن ۾ پھچي سگھن موجوده اليڪشني نظام مٿين ڪلاس لاءِ آھي جيڪي اربين روپيا خرچ ڪري اليڪشن مينيج ڪن ٿا ۽ پوءِ ملڪ جي وسيلن کي لٽين ٿا ڪرپشن ذريعي عوام جو پئسو ٻاھرين ملڪن ڏانھن منتقل ڪن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ مٿين طبقي ۽ ذاتي مفادن لاءِ حڪومتن ۾ ايندڙ نمائندن وٽ ملڪ ۽ غريب عوام لاءِ ڪو بھ پروگرام ناھي، بار بار حڪومتن ۾ ايندڙ پارٽيون نمائشي طور عوام جون ڳالھيون ڪن ٿيون پر انھن جي غلط پاليسين جي ڪري ملڪ ۽ سنڌ ۾ بک، بدحالي بيروزگاري آھي اياز لطيف پليجي چيو تہ پنجاب بلوچستان خيبرپختون خواھ جو پورھيت ۽ غريب عوام ائين تڪليف ۾ آھي جيئن سنڌ جو ھاري مزدور ۽ غريب عوام مسئلن جي دلدل ۾ ڦاٿل آھي. سنڌ وانگر سڄي ملڪ جون ٻھراڙيون بنيادي انساني حقن تعليم ۽ صحت جي سھولتن کان محروم آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ اليڪشني نظام کي شفاف بنائڻ لاءِ اليڪٽرڪ ووٽ سسٽم لاءِ ھاڻ کان ئي ڪم ڪيو وڃي. صوبن صوبن ۾ قومي اسيمبلي جا برابر تڪ ڪيا وڃن ۽ ننڍا تڪ ڪيا وڃن تہ جيئن سڄي ملڪ کي برابر نمائندگي ملي سگھي. ھڪ صوبي جي بالادستي سان ملڪ ترقي نٿو ڪري سگھي ان سان محروم وڌي رھيون آھن حقن جو استحصال ٿي رھيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.