خيرپور ۾ ڀتو نه ڏيڻ تان واپاري تي تشدد، بيهوش، اسپتال منتقل

خيرپور (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو )خيرپور اي سيڪشن پوليس ٿاڻي جي حد  سليم آباد ۾ منٿلي نه ڏيڻ تان ڀتاخورن کجورمندي جي واپاري  حاجي ڪليم الله سيال کي ڏنڊا هڻي مڻينگ ڪري ڇڏيو، بيهوشي جي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل سندس حالت ڳڻتي جوڳي ان سلسلي ۾ زخمي ڪليم الله سيال جي ڀاءُ حاجي مختيار سيال ٻڌايو ته گذريل هڪ سال کان وٺي ڀتاخور محسن آرائين، احسن ،عبيدالله آرائين ۽ احسن علي آرائين منهنجي ڀاءُ کي موت مار ڌميڪون ڏئي ان کان ويهه هزار روپيه ڀتو وٺندا هئا ڀتا خورن منهجي ڀاءُ سان مليا ۽ کيس 50 هزار روپيه منٿلي ڏي نه ته پنهنجو کجور جو گودام بند ڪري اگر نه ڪئي ته سڄي گودام جي مٿان پيٽرول هاري باهه ڏينداسين ۽ گودام اندر ڪم ڪندڙ مزدورن کي ۽ تون کي مارينداسين هن وڌيڪ اهو به انڪشاف ڪيو ته ڀتاخورن طرفان ڌمڪيون ڏيڻ تي منهنجو ڀاءُ مسلسل مايوس رهندو هو ڇو جو 6 مهينا اڳ  منهنجي ڀاءُ ڪليم الله سيال جو ڀائيوار سيٺ راجا کي به ڀتو نه ڏيڻ تان قتل ڪيو ويو هو هن چيو ته اسان کي به خطرو آهي ته منهنجي ڀاءُ کي به ماريندا هن ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي ته مٿي حقيقت جي قران پاڪ تي انڪوائري ڪري ڀتا خورن مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ کين گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ اسان کجور منڊي ايسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان احتجاجي تحريڪ هلائينداسين جنهن جي ذميواري ايس ايس پي خيرپور تي هوندي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.