سکر ۾ جي يو آءِ جو اجلاس، مختلف معاملن تي غور ويچار

سکر( رپورٽر) جميعت علماءِ اسلام سکر جو اجلاس مولانا خبير خاڪسار جي صدارت هيٺ مدرسي منزل گاهه ۾ ٿي گذريو،  اجلاس ۾ مفتي محمد عابد انڍهڙ، مولانا عبدالله مهاجر مڪي، مولانا اسامه محمود هاليجوي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ اسلام سان دشمني قرار ڏنو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته بلوچستان جي مچ واري علائقي ۾ دهشتگردن پاران  غريب مزدورن کي قتل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. اسرائيل مردا آباد ريلي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ 17 جنوري تي اجلاس گھرايو ويندو. ڪراچي ۾ 21 جنوري تي نڪرندڙ ريلي کي ڪامياب بڻايو ويندو.

پيرڳوٺ ۾  ۾ صحافي ۽ سنڌ ملاح فورم اڳواڻ جو چاچو لاڏاڻو ڪري ويو

پيرجوڳوٺ ( ن ع آ ) پيرڳوٺ جي نوجوان صحافي ۽  سنڌ ملاح فورم تعلقه ڪنگري جي جنرل سيڪريٽري اصغر ملاح جو چاچو  ۽ ملاح برادري جي معزز شخصيت حاجي محمد موسى المعروف حاجي مور ملاح لاڏاڻو ڪري ويو آهي، جنهن جي جنازي نماز درگاهه روضي ڌڻي رح جي احاطي ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ صحافين، سياسي سماجي اڳواڻن، برادري جي ماڻهن توڙي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنهن بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

سکر جي سماجي اڳواڻ راجا شيخ جي امڙ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي

سکر( رپورٽر) سکر جي سماجي اڳواڻ راجا شيخ جي امڙ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي آهي. سندن جنازي نماز پراڻو سکر جي  حسن چوڪ واري علائقي ۾ ادا ڪرڻ بعد سوين آلين اکين سان کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي. هوڏانهن سکر جي سياسي، سماجي، مذهبي، قومپرست، وڪيل تنظيمن جي اڳواڻن توڙي صحافين خالد ٻانڀڻ، وحيد شيخ، امان الله شيخ ۽ ٻين تڏي تي پهچي راجا شيخ سان سندس امڙ جي وفات تي عذر خواهي ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.