لاڙڪاڻي ۾واپاري دل جي دوري سبب فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ڀرسان بقاپور ٿاڻي جي حد مال پڙي ۾ ڍور وڪرو ڪرڻ دوران ڳوٺ سارو خان لُهر واسي 55 سالن جو چوپائي مال جو واپاري جانب لُهر جي طبيعت خراب ٿي جنهن کي سندس ڀائيٽي کڻائي  علاج لاءِ اين آءِ سي وي ڊي اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن پاران سندس جي طبي معائنو ڪري فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان بقاپور ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته فوتي جانب لُهر جي وارثن کان معاملي بابت معلوم ڪئي جن ٻڌايو ته سندس جي پرچي ٺيڪيدار ولي محمد جتوئي جتوئي سان معمولي ڳالهه تان منهن ماري ٿي جنهن دوران جانب کي دل جو دورو پيو ۽ هو فوت ٿيو آهي جڏهن ته وارثن واقعي کي اتفاقي قرار ڏيندي پوسٽ مارٽم به ناهي ڪرايو. هوڏانهن فوتي جو لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.