ڀارت کان عالمي ٺهرائن تي عمل ڪرايو وڃي: سکر جا سماجي اڳواڻ

سکر( رپورٽر) سکر ۾ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن برڪت انصاري، انور علي مهر، عذرا جمال، آپا زبيده گهانگهرو، ڊاڪٽر سعيد اعواڻ،  حميرا منگي، انيس خان، شمائلا منگي، عاجز ميراڻي، سڳنڌ منگي، امجد مهر، عبدالمنان مهر ۽ ٻين  جو چوڻ هو ته 05 جنوري 1949 تي گڏيل قومن جي اداري جي پاڪستان ۽ ڀارت بابت ڪميشن هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو هو جنهن ۾ اها ضمانت ڏني ويئي هئي ته ڪشميري پنهنجي راء ڏيڻ جو حق رکن ٿا ۽ پنهنجي مستقبل جي باري ۾ فيصلو ڪري سگهن ٿا پر ڀارت گذريل 70 سالن کان انهي ٺهراءُ تي عمل نه ڪرڻ جي هوڏ تي قائم آهي ۽ لڳاتار ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي. هنن  مطالبو ڪيو ته عالمي ٺهرائن تي عمل ڪرائي  جيئن مظلوم ڪشميرين کي پنهنجي راء ڏيڻ واري حق کي تحفظ ملي.

اطلاعات وزارت پاران 3 آفيسرن بدلي

اسلام آباد (م ڊ ) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت گريڊ 20 جي 3 آفيسرن جي مقرري ۽ بدلي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب گريڊ 20 جي انفارميشن گروپ جي آفيسر سيد مبشر توقير کي ڊپٽي ڊي جي پي آءِ ڊي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، هو ريجنل آفيس ڪراچي ۾ ڊي جي پي آر هو. مقرري جي منتظر ثمينه فرزين کي ڊپٽي ڊي جي انفارميشن سروس اڪيڊمي جڏهن ته ڊپٽي ڊي جي پي آءِ ڊي منظور علي ميمڻ کي ڊي جي انٽرنل پبلسٽي ونگ مقرر ڪيو ويو آهي.

گوادر پورٽ کي افغانستان سان واپار لاءِ استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر عارف علوي

اسلام آباد (م ڊ ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گوادر پورٽ فري زون ايريا کي افغانستان ۽ بلوچستان جي وچ ۾ واپار جي  لاءِ استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، گوادر بندرگاهه جهڙن قومي منصوبن جي ڪامياب پڄاڻي جي لاءِ حڪمت عملي ۽ ويزن ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه اربع ڏينهن گوادر جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صدر کي گوادر ماسٽر پلان ۽ گوادر پورٽ جي ترقياتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني وئي. گوادر پورٽ اٿارٽي جي چيئرمين نصير خان ڪاشاني ۽ گوادر ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل شاهزيب خان ڪاڪڙ گوادر پورٽ ۽ گوادر سٽي بابت ترقياتي ڪمن تي بريفنگ ڏني. صدر چيو ته ڪراچي پورٽ سان گڏوگڏ افغانستان ۽ بلوچستان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ جي لاءِ گوادر پورٽ فري زون کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، گوادر پورٽ تي ٽريفڪ جي تيزي سان رواني کي يقيني بڻايو وڃي. هن لاڳاپيل عملدارن تي زور ڏنو ته اهي ترقياتي سرگرمين ۾ تيزي آڻين ۽ ان حوالي سان رڪاوٽن کي لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت ۽ اعتماد سازي سان ختم ڪيو وڃي. صدر چيو ته گوادر پورٽ جهڙن قومي منصوبن جي ڪاميابي سان پڄاڻي ۽ فعال بڻائڻ جي لاءِ حڪمت عملي ۽ ويزن جي ضرورت آهي. هن چيو ته ماضي ۾ گوادر جي ترقي ۾ سستي ڪئي وئي. هن پورٽ سان لاڳاپيل سمورن صنعتي منصوبن ۽ انفراسٽرڪچر کي وقت سر ۽ مقرر ڪيل مدي مڪمل ڪرڻ تي زور ڏنو. صدر کي گوادر پورٽ سان گڏ 19 ڪلوميٽر ايسٽ بي ايڪسپريس وي بابت بريفنگ ڏني وئي جيڪو ڪوسٽل هاءِ وي سان واڳيل هوندو ۽ گوادر جي مقامي آبادي کي متاثر ڪرڻ کانسواءِ ڪارگو جي اچ وڃ ۾ مدد فراهم ڪندو. کيس اهو به ٻڌايو ويو ته گوادر ۾ فري زون جو علائقو 60 ايڪڙ آهي جنهن ۾ تخليقي سهولتن، اسپتال، اسڪول ۽ ڪيترين ئي صنعتن جي لاءِ سهولتون شامل آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي گوادر سٽي ۽ گوادر پورٽ جي ماسٽر پلان بابت بريفنگ ڏيڻ تي گوادر ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ گوادر پورٽ اٿارٽي کي ساراهيو ۽ ٻنهي ادارن تي زور ڏنو ته اهي پورٽ ۽ گوادر شهر ۾ ڪم ۾ تيزي آڻين. هن ٻنهي ادارن تي زور ڏنو ماسٽر پلان ۾ مقامي مهاڻن کي به شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن گوادر ۾ جديد چائنا بزنس سينٽر جي تعمير تي چيني حڪومت کي ساراهيو. بريفنگ ۾ بلوچستان جي اوڳاڙين واري وزير سليم کوسا، بلوچستان جي مذهبي معاملن واري وزير لالا رشيد، صوبائي اسيمبلي ميمبر نور محمد ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.