ڊگهڙي ۾ اٽي چڪي جي مشين کي باهه لڳي وئي

ڊگهڙي (ن ع آ)ڊگهڙي شهر ۾ رمضان آرائين جي اٽي چڪي جي مشين مان اوچتو چڻنگ اڏامي جيڪا چڪي اندر پيل ڪپھ تي ڪري ۽ باھ لڳي وئي اطلاع تي فائربرگيڊ عملي پهچي باھ تي ظابطو آندو ۽ وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو،

نوشهري ۾پاپوليشن ملازمن جو احتجاج

نوشهروفيروز (ڊ ر) پاپوليشن کاتي جي سوين ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي ريلي کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالھائيندي  اڳواڻن ذاڪر مراد ابڙو محمد ابراھيم خاصخيلي غلام مرتضي ڦل منظور کوسو نسيم راڄپر لطيف راڄپر اياز سھتو سجاد عباسي ارشاد گجر تھمينه مختيار ۽ ٻين چيو ته 1965ع کان پاپوليشن کاتو الڳ کاتي طور ڪم ڪري رھيوآھي پاپوليشن کاتي جي ملازمن جي جدوجھد جي ڪري پاپوليشن کاتي جي ڪارڪردگي به صحت کاتي کان ڪافي بھتر آھي ڪجه شرپسند عناصر پنھجي ذاتي مفادن خاطر صحت جي صوبائي وزير کي مس گائيڊ ڪري پاپوليشن کاتي کي صحت کاتي ۾ ضم ڪرائڻ چاھين ٿا، جڏھن ته صحت کاتو اڳ ئي تباھ ٿيل آھي ھنن چيو ته جن ڊسپينسرين ۾ پاپوليشن کاتي جا فلاحي مرڪز سينٽر شفٽ ڪيا پيا وڃن اھي عمارتون ناڪاره ۽ زبون حال ھجڻ ڪري ڊيوٽي دوران عملو غير محفوظ ٿيندو اڳواڻن چيو ته پاپوليشن کاتي جا ملازم ڪرونا وبا ھجڻ باوجود پنھنجي ڊيوٽي ايمانداري سان سرانجام ڏئي رھيا آھن مگر افسوس صحت ۽ پاپوليشن کاتي جي ھڪ وزير ھجڻ باوجود صحت کاتي جي ملازمن کي رسڪ الاؤنس ڏنو پيو وڃي مگر پاپوليشن کاتي جي ملازمن کي رسڪ الاؤنس نٿو ڏنو وڃي پاپوليشن کاتي جي ملازمن کي فوري طور تي رسڪ الاؤنس ڏنو وڃي مظاھرين چيئرمين پ پ بلاول ڀٽو زرداري وزيراعلي سنڌ صوبائي وزير صحت ۽ پاپوليشن عذره پيچوھو کان مطالبو ڪيو ته پاپوليشن کاتي جا فلاحي مرڪز سينٽر صحت کاتي ۾ شفٽ ڪرڻ وارو فيصلو فورن واپس ورتو وڃي ۽ پاپوليشن کاتي جي ملازمن کي رسڪ الاؤنس ڏنو وڃي ۽ ٽائيم اسڪيل اپگريڊيشن پروموشن سميت ٻيا جائز مطالبا فورن منظور ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.