غوثپور جي ڪچي ٿاڻي اندر رکيل راڪيٽ لانچر ڦاٽڻ سبب 2 اهلڪار زخمي

غوثپور (ن ع آ) غوثپور جي ڪچي واري علائقي جنگڻ پوليس ٿاڻي ۾  اندر رکيل راڪيٽ لانچر جو اوچتو ڦاٽڻ سبب چوڪي ۾ ويٺل ٻه پوليس اهلڪار وائرس آپريٽر عبدالحميد دل ۽ پوليس اهلڪار محمد شريف جاگيراڻي سخت زخمي ٿي پيا جن کي ڪنڌڪوٽ جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي پوليس اهلڪارن جي حالت خراب هجڻ ڪري ڊاڪٽرن طرفان وڌيڪ علاج لاڙڪاڻي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او جنگڻ عبداللطيف ميراڻي ٻڌايو ته مان ڪورٽ ويل هئس مونکي فون ذريعي اطلاع مليو ته آءُ چوڪي تي پهچي زخمي پوليس اهلڪارن کي اسپتال منتقل ڪرايو آهي ايس ايڇ او جو وڌيڪ چوڻ هو ته چوڪي تي رکيل راڪيٽ جو گولو ڦاٽڻ سبب واقعو پيش آيو آهي وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيو.

شادي پلي ويجهو ڪار  ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا مرڻينگ

شادي پلي (ن ع آ) شادي پلي کان پندرهن ڪلوميٽر پري ميرپورخاص عمرڪوٽ روڊ تي 78 موري لڳ ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمهون سامهون زودار ٽڪر ٿي پيو ۔ جنهن جي  نتيجي ۾ شادي پلي کان ڊيوٽي ڏئي واپس پنهنجي گهر ميرپورخاص  ويندڙ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر علي اڪبر پنهور ۽ موٽر سائيڪل  سوار ڳوٺ انڙ آباد جو رهواسي محمد علي انڙ سخت زخمي پيا، زخمين  کي فوري طور ميرپورخاص  سول اسپتال نيو ويو، جتان محمد علي انڙ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.