سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهو آزاد نه ٿيا، لاڙڪاڻي ۾احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ وائيس آف سنڌ تنظيم سنڌ جي مختلف شهرن مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي جتي اڳواڻن  هٿن ۾ قومي ڪارڪنن جي تصويرن وارا بئنر کڻي نعريبازي پڻ ڪئي. جنهن ۾ کنڀي گم ڪيل لاڙڪاڻي واسي پرائمري استاد ڪاشف علي ٽڳڙ جي پيءُ عبدالڪريم ٽڳڙ، کنڀي گم ڪيل انصاف دايو جي ڀينرن اقصيٰ دايو، افسانه دايو ۽ ٻين جي وارثن سميت وائيس آف سنڌ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وائيس آف سنڌ جي سربراهه سڪندر چانڊيو، امجد چانڊيو، سليم سنڌي ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي شهر سميت سنڌ جي مختلف شهرن مان 70 کان وڌيڪ قومي ڪارڪنن کي سالن کان وٺي بيگناھ کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جن جو ڏوھ ايترو آهي ته هو سنڌ جا عاشق آهن، جيڪي پنهنجي وطن جي مالڪي جي ڳالھ ڪرڻ تان جبري طور کنڀي گم ڪيا ويا آهن. هنن چيو ته گذريل 70 سالن کان سنڌ واسين کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي، جڏهن ته سنڌ جي قدرتي وسيلن، ڌرياھ ۽ ٻيٽن تي وفاق ڏاڍ جي زور تي قابض آهي، کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي پنهنجي گهرن مان چادر ۽ چوديواري جو تقدص پئمال ڪندي سندن بينرن ۽ امڙين اڳيان کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جن کي ظاهر به نه پيو ڪيو وڃي، سندن آزادي لاءِ ڪراچي کان راولپنڊي ڏانهن ويندڙ سنڌ سڀا جي پرامن قافلي تي اوٻاوڙو پوليس ڪاھ ڪري سنڌ جي نياڻين تي تشدد ڪندي کين تذليل جو نشانو بڻايو ۽ سنڌ سڀا جي سرواڻ انعام عباسي سميت ٻين کي گرفتار ڪري سندن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، اسان اهڙي عمل جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. اسان وس وارن اعليٰ اختيارين، انساني حقن جي تنظيمن ۽ اقوام متحده کي اپيل ٿا ڪيون ته سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ اپاءُ ورتا وڃن، ٻي صورت ۾ اسان جي هي جدوجهد آخري جاري رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.