”ڏوهاري ٿا ڳولهيون“ شڪارپور جي ڪچي ۾ گهرن کي باهيون، احتجاج

مدئجي (رپورٽر) ”ڏوهاري ٿا ڳولهيون“ شڪارپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس اهلڪارن اي پي سي چين ۽ بڪتربند گاڏين سميت ايس ايڇ او مدئجي غلام مصطفيٰ کوسو جي اڳواڻي ۾ ڪچي  جي علائقي ڳوٺ ميرل ڪلهوڙو، پنجل ڪلهوڙو،رمضان ڪلهوڙ ۽ نازل ناريجو سميت مختلف ڳوٺن تي چڙهايون ڪري گهر گهر تلاشيون ورتيون جتان جوابدار هٿ نه اچڻ تي پوليس ڏوهارين جي گهرن ۽ ٿاڪن کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيو، جنهن بعد پوليس هٿين خالي واپس موٽي آئي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او مدئجي غلام مصطفيٰ کوسو ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ عيدگاهه محلي ۾ مينهن چوري دوران مزاحمت تي هٿياربندن پاران قتل ڪيل گهرڌياڻي مسمات بيگم لاشاري جي قتل سميت مختلف ڏوهن ۾ گهربل ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ ضلعي شڪارپور جي مختلف ٿاڻن جي اهلڪارن سميت ڪچي جي علائقي ۾ چڙهائي ڪئي پر ڏوهاري اڳواٽ اطلاع ملڻ تي فرار ٿي ويا جنهن بعد ڏوهارين جي چئن اوطاقن کي باهه ڏيئي ساڙيو آهي جوابدارن جي گرفتاري تائين ڪارروايون جاري رهنديون،هوڏانهن پوليس چڙهائي خلاف ڳوٺاڻن محمد ملوڪ ڪلھوڙو , قربان , رمضان , حنيف , بدر , اصغر , پيرل ڪلھوڙو ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته پوليس ناحق روز روز چڙھايون ڪري چادر  ۽ چوديواريء جو تقدس پائمال ڪندي گهرن ۾ ڀڃ ڊاھ سميت سونا زيور ۽ ٻئي قيمتي سامان سوڌو ھنڌ ٽپڙ کڻي گهرن کي باھيون ڏئي ڪيترائي گھر ڊاٺا ويا آهن ـ ھنن چيو ته پوليس اسان جي مسمات ارباب خاتون،اميدان خاتون سميت ٽن عورتن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي هنن اختيارين کي اپيل ڪندي چيوته پوليس جي ناجائزين جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.