گھوٽڪي کان سکر ايندي اغوا ٿيل واپاري آزاد

سکر (رپورٽ : شفيع محمد ابڙو) گھوٽڪي کان سکر ايندي اغوا ٿيل واپاري سليم ميمڻ بازياب، تفصيل موجب گهوٽڪي کان  سکر ايندي سورهن ڏينهن اڳ ٿي ويل واپاري سليم ميمڻ مبينا طور تي ڀنگ ڀرڻ بعد آزاد ٿي گهر پهچي ويو آهي، واپاري جي بازيابي بابت اطلاع آهن تہ ڌاڙيلن سليم ميمڻ کي ڳري ڀنگ بعد آزاد ڪري شڪارپور ويجهو ڇڏي ويا جتان واپاري گهروارن ۽ پوليس سان رابطو ڪرڻ بعد گهر پهتو. ياد رهي تہ واپاري سليم ميمڻ کي ڊرائيور سوڌو اغوا ڪيو ويو پر ڪجھ ڏينھن اڳ ڏوھارين ڊرائيور کي  ڏينھن اڳ آزاد ڪيو ھو ۽ واپاري جي بازيابي لاءِ ڳري ڀنگ جي گهر ڪئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.