صالح پٽ لڳ نوجوان کنڀي گم، احتجاج

سکر( رپورٽر) صالح پٽ جي بااثر وڏيري ۽ پوليس جي زيادتين خلاف شهيد دودو ويلفيئر آرگنائزيشن سکر پاران سکر پريس  ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي وقار علي سومرو، عبدالله سومرو، فيصل سومرو ۽ ٻين چيو ته صالح پٽ پوليس علائقي جي بااثر وڏيري سمون خان ڀنڀرو جي چوڻ تي جاويد سومرو جي گھر تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪرڻ بعد گھر ۾ موجود عورتن، مردن ۽ ٻارڙن کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو جنهن بعد پوليس نوجوان جاويد سومرو کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس کي نوجوان کي آزاد ڪرڻ لاءِ چوڻ تي کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.