ميرپورخاص ۾ ڪورونا جا وار نه ٽريا، 28 شهري شڪار، ايس او پيز نظرانداز

ميرپورخاص(بيوروپورٽ)ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وار نه ٽريا آهن ميرپورخاص شهر سميت مختلف علائقن مان ورتل ڪورونا جي ٽيسٽ جي نمونن جي نتيجن ۾ پوجا، انا، اقراءُ، نجمه، ڪائنات، زاهده،  عروج، لبنيٰ، نوشين، مهوش ۽ 14 عورتن سميت 28 رهواسين کي ڪورونا هجڻ جي تصديق ٿي آهي جنهن بعد ڪورونا جي تصديق ٿيل مريضن کي سندن گھرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪورونا جي ٻي لهر جي نقصانن کان بچڻ لاءِ لاڳو ڪيل ايس او پيز تي 10 کان 15 سيڪڙو به عمل نه ٿي رهيو آهي شهر جي مارڪيٽ جي وڏي انگ دڪاندارن ۾ ڪورونا ڪيسن جي تصديق ٿيڻ ۽ عارضي طور سمارٽ لاڪ ڊائون لڳائي نالي ماتر بازارن ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جي ناڪام ڪوششن جي باوجود مارڪيٽن ۾ خريداري لاءِ ايندڙ 85 سيڪڙو رهواسي هدايتن جي باوجود ماسڪ کان بنا مارڪيٽن ۾ نظر اچن ٿا جڏهن ته دڪاندارن پاران پڻ ايس او پيز تي نه هجڻ جي برابر عمل ڪيو پيو وڃي، حڪومت پاران ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ ۽ شهر ۾ بنا ماسڪ جي هلندڙ ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي هدايتن جي باوجود انهن هدايتن تي ضلع جا ڪاموا عمل ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.