بدين ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 40 ڪورونا ڪيس ظاهر

بدين (ڊ ر) ڪرونا وائرس جي شددت وڌڻ لڳي ايس او پيز تي شھرين توڙي سرڪاري آفيسن جي ملازمن پاڻي ڦيري ڇڏيو بدين  ۾ 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا جا 40 ڪيس سامھون اچي ويا فوڪل پرسنٽ پاران ڪرونا ڪيسن جي شرح وڌڻ تي ڳڻتي ظاھر ڪري ڇڏي شھرين کي حفاظتي اپاءُ وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو آھي ته ڪرونا تي ڪنٽرول ان صورت ۾  ٿيندو جڏھن سڀ ادارا ان تي پوري طرحين عمل ڪندا ھن وقت 131 ڪرونا ڪيس بدين ضلعي ۾ ظاھر ٿي چڪا آھن بدين ضلعي ۾ ٽوٽل ڪرونا جا ڪيس 2098 تي پھتل آھن 24 ڪلاڪن دروان 40 ڪيس ظاھر ٿيڻ ڳڻتي جھڙي ڳالھ آھي مختلف آفيسن جن ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس بدين . ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس بدين . ايس ايس پي آفيس بدين . مختيارڪار آفيس بدين سميت ڪيترن ئي سرڪاري ۽ نجي آفيسن ۾ ايس او پيز کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو ويو آھي بدين کان ڪراچي حيد رآباد ويندڙ مسافرن گاڏين ۾ بنا ماسڪ جي مسافر سفر ڪري رھيا آھن.  جن ۾ وڏيون ۽ ننڍيون گاڏيون به شامل آھن ڪرونا ڪيسن وڌڻ جو سبب شھرين ۽ آفيسرن جي لاپرواھي آھي پوليس جا ٽرئفڪ پوليس اھلڪار مختلف چوڪن تي سڄو ڏينھن بيھ ڊيوٽي ڪن ٿا پر ماسڪ بنا اھلڪار بيٺل ھوندا آھن ان کان سواء مختلف عوامي ھندن تي به ماڻھن جا ھجوم ھجڻ ۽ ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ سبب ڪرونا ڪيسن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.