سجاول (ڊ ر) سجاول ۾ وڌندڙ بدامني منشيات جي وڪري سماجي برائين ۽ صحافين تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف شھري اتحاد سول سوسائٽي جي ماڻھن پاران پريس ڪلب سجاول اڳيان ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سجاول پوليس خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن منير ميمڻ، الطاف پٺاڻ، غلام مصطفيٰ شاھه ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته سجاول ۾ بدامني چوٽ چڙھيل آهي منشيات کلي عام وڪرو ٿي رھي آھي پر پوليس انھن کي روڪڻ بدران غريب ماڻھن ۽ صحافين کي تنگ ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي رھي آھي ھنن چيو ته سجاول جي سينيئر صحافي امداد پٺاڻ جي ڀاءُ غريب پورھيت ۽ صحافي اسرار پٺاڻ کي گٽڪن جي ڪيس ۾ گرفتار ڪري چالان ڪيو آھي جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. هنن چيو ته شهر ۾ منٿلين عيوض پوليس پاران گٽڪن جي وڏن ڊيلر کي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي ھنن مطالبو ڪيو ته سجاول ۾ بدامني تي ڪنٽرول ڪري بيگناهھ غريب ماڻھن ۽ صحافين مٿان داخل ٿيل ڪيس ختم ڪيا وڃن.