ٺل جي مقتولن جا قاتل گرفتار نه ٿيا، وارثن ۽ شهرين جا مظاهرا

ٺل (ن ع آ ) ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد جيئي سنڌ چوڪ تي ڀتو نه ڏيڻ تان قتل ڪيل ايس يو پي ڪارڪن قائم الدين سرڪي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن اصغر علي ٻرڙو ۽ طالب حسين ٻرڙو ۽ ايس يو پي  جي ضلعي صدر جمال الدين جوش ٻرڙو جي مٿان حملو ڪندڙن جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ وارثن ۽ شهرين پاران احتجاج هلندڙ آهي،جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي پاران قائم الدين سرڪي جي قتل ڪيس ۽ ايس يو پي جي ضلعي صدر جمال جوش ٻرڙو جي مٿان حملي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ڪجهه وقت لاءِ معطل ٿي وئي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن مقتول جي ڀاءُ امام الدين سرڪي،جمال الدين جوش ٻرڙو،مفتي نظام الدين بنگلاڻي،خورشيد سومرو،اصغر لاشاري،ڪامريڊ لطف الله لاشاري ۽ ٻين چيو ته 18 مهينا اڳ شڪارپور سوئيٽس بيڪري مالڪ ۽ ايس يو پي ڪارڪن قائم الدين سرڪي کي قتل ڪيو ويو پر افسوس جو هن مهل تائين ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ پوليس ڪوبه ڪردار ادا ناهي ڪيو ويو، جنهن بعد جوابدار ڌمڪائڻ بعد حملا ڪري رهيا آهن،هنن چيو ته ايس يو پي جي ضلعي صدر جوش ٻرڙو جي گهر مٿان جوابدارن پاران حملو ڪيو ويو پر افسوس جو پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي،جوابدار آزاد گهمندا رهن ٿا پر پوليس انهن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي،هنن مطالبو ڪيو ته مقتول قائم الدين سرڪي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن ۽ جمال جوش ٻرڙو مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي،ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو، ٻئي طرف ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد شهيد الله بخش سومرو ڪالوني ۾ اٺ سال اڳ وياج جي مامري تان قتل ٿي ويل پورهيت فيض محمد چنو جي خون سان انصاف جي لاءِ سندس ٻڍڙي امڙ مسمات غلام فاطمه چنا سراپا احتجاج بڻيل آهي،ڪالهه پورهيت جي امڙ مسمات غلام فاطمه چنا پنهنجي پٽ جي تصوير کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو،ان موقعي تي پورهيت جي امڙ مسمات غلام فاطمه چنا،شهرين بشير سرڪي،محمد بخش بروهي،ظفر لاشاري،غوث بخش ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته رب پاڪ مون سان انصاف ڪيو آهي، ڪورٽن مان مون کي انصاف نه مليو پر الله پاڪ مون سان انصاف ڪيو آهي،منهنجي پٽ جي خون ڪيس ۾ نامزد ٻين جوابدارن کي به پنهنجي سزا ملندي،هن چيو ته منهنجي پٽ کي وياجي عبدالواحد عرف نجو گولو سندس ساٿين بيدردي سان قتل ڪيو،اٺ سال گذري وڃڻ جي باوجود پوليس مون سان انصاف نه ڪيو،جوابدارن پاران منهنجي ور مرحوم نيڪ محمد چنو ۽ پٽن نور محمد ۽ ٻين جي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا جيئن اسان ڪيس تان هٿ کڻي وڃون پر اسان ڊٽڪي بيٺل رهياسون،اسان کي الله پاڪ مان اميد آهي ته اسان سان ضرور انصاف ٿيندو، هوڏانهن ٺل ۾ ٻه مهينا اڳ بجلي جي تار لڳائڻ جي معاملي تي هٿياربندن هٿان قتل ڪيل 13ورهين جي معصوم نينگر سعيد احمد ڀٽي ۽ ڊاڪٽر احمد نوناري جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارثن ۽ شھرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو،مظاهرين پاران سخت نعريبازي ڪئي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن نصيب الله نوناري،جسقم اڳواڻن لياقت سرڪي،عباس ٻرڙو،بشير سرڪي ۽ ٻين چيو ته ٻه مهينا اڳ جوابدارن فائرنگ ڪري ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ نينگر سعيد ڀٽي کي قتل ڪيو پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي،پوليس خاموش بڻيل آهي پوليس ڪيس کي لوڙهڻ چاهي ٿي، مظاهرين ايس ايس پي جيڪب آباد محمد طارق نواز کان مطالبو ڪيو ته معصوم نينگر سعيد احمد ڀٽي ۽ ڊاڪٽر احمد نوناري جي مک قاتلن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي۔ٻئي صورت ۾ اسان سخت احتجاج ڪنداسون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.