قمبر ۾ بند ۽ زبون اسڪولن جي بحالي لاءِ احتجاج

قمبر (ن ع آ) فرينڊس ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ عوامي تحريڪ طرفان قمبر تعلقي ۾ بند ۽ زبور حال پرائمري اسڪولن جي بحالي لاءِ ايڊووڪيٽ ساجد مهيسر، رفيع لغاري ۽ سڪندر صنم جهنڊيل جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ سرڪار سنڌ جي تعليم کاتي جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي بنيادي پرائمري تعليم به غريب ماڻهو جي ٻارڙن کي ڪو به ڏني وڃي قمبر تعلقي سميت سموري ضلعي اندر سون جي تعداد ۾ اسڪول بند پيل آهن ۽ ڪٿي ڪٿي اسڪولن جي حالت زبور هجڻ ڪري تدريسي عمل متاثر ٿي رهيو آهي هنن چونڊيل نمائندن ۽ وزير اعلي سنڌ ۽ تعليم جي وزير کان مطالبو ڪيو ته قمبر ضلعي ۾ بند پيل اسڪولن کي کولرائي سنڌي قوم جي ٻارڙن جي مستقبل بهتر بڻايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.