” مچ سانحو“حڪومت جون ذميواريون

ايڊيٽوريل

مچ ۾ يارنهن پورهيتن جي قتل خلاف سڄي ملڪ ۾ غم جي لهر ڇانيل آهي، بي گناهه ماڻهن جي مارجڻ تي ظاهر آهي هر درد مند دل کي ڏک ضرور ٿيندو، پر انهن مائرن جي دلين تي قيامت جي گهڙي گذرندي هوندي جن جا ٻچا ماريا ويا آهن، انهن ڀينرن ۽ ونين لاءِ پڻ قيامت جي گهڙي هوندي، ڪوئٽا ۾ پورهيتن جي مارجڻ جو هي ڪو پهريون واقعو نه آهي ان کان اڳ به اهڙا درد ناڪ واقعا ٿيندا رهيا آهن،

سوال هي نه آهي ته اهڙا وقعا ڇو ٿا ٿين، ان بحث ۾ وڃڻ جي ضرورت نه آهي جو اهو هڪ پيچيده ۽ ڳنڀير سوال آهي، هن وقت سوال هي آهي ته پورهيتن جي قتل ٿيڻ بعد جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي ان صورتحال کي ڪهڙي نموني منهن ڏنو وڃي، ان ڏس ۾ متاثرن خاندانن بابت حڪومت ۽ رياست جون ذميواريون ڪهڙيون هجڻ گهرجن، اسان ان جي حق ۾ آهيون ته احتجاج جو اهڙو رستو اختيار ڪيو وڃي جنهن سان شهرين کي تڪليف نه ٿئي، ٽريفڪ جي رواني متاثر نه ٿئي ۽ شهر جي زندگيءَ ۾ ڪو خلل نه پوي.

آخري اطلاعن تائين مچ سانحي ۾ مارجي ويل 11- ڄڻن جا لاش دفن نه ٿيا هيا جو انهن جي وارثن فوتين جا ڪفن بند لاش مظاهري ۾ احتجاج طور رکي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته انهن پورهيتن جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي، مظاهرين جو اهو به مطالبو آهي ته وزيراعظم ڪوئٽه اچي ۽ مظاهري ۾ شريڪ ٿي قاتلن جي گرفتاريءَ کي يقيني بڻائي، جڏهن ته مظاهرين ان سان گڏوگڏ بلوچستان حڪومت جي خاتمي جو مطالبو پڻ ڪيو آهي.

مظاهرين بلوچستان جي گهرو وزير مير ضيا لانگو سان پڻ ڳالهائڻ کان انڪار ڪندي، ملاقات لاءِ آيل گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد کي پڻ موٽائي ڇڏيو، ڌرڻو هڻندڙن جي اڳواڻ آغا سيد محمد رضا جو چوڻ آهي ته، اسان گذريل 22- سالن کان اهو ئي مطالبو ڪري رهيا آهيون ته اسان کي جيئڻ ڏنو وڃي، واضع هُجي ته هزاره برادري گذريل ٻن ڏهاڪن کان بلوچستان ۾ آباد ٿي رهي آهي، جن جو انگ هاڻي لکن ۾ آهي، مظاهرين جو آخري مطالبو اهو ئي آهي ته وزيراعظم ڪوئٽه اچي ڳالهيون ڪري ان بعد ئي مظاهرو ختم ڪري لاش دفنايا ويندا.

مچ سانحي خلاف ملڪ ۾ ڏک جي لهر ته ضرور ڇانيل آهي پر ان خلاف سخت احتجاج رڳو ڪوئٽه جي هزاره علائقن ۽ ڪراچيءَ جي انهن علائقن ۾ ٿي رهيو آهي جتي شيعه فرقي جي ماڻهن جي اڪثريت رهائش پذير آهي، مچ سانحي ۾ مارجي ويلن جو تعلق شيعه فرقي سان آهي،  انهن ئي علائقن ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان ٽريفڪ جو نظام متاثر ۽ عام ماڻهن جي زندگي تڪليف واري ٿي وئي آهي.

مچ سانحي بعد اسين سمجهون ٿا ته حڪومت کي فوري طور تي تحرڪ ۾ اچي حالتن کي ضابطي ۾ وٺڻ گهرجي ها ۽ متاثرن سان ايڪتا جو اظهار ڪري جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن ها، پر هن دفعي به حڪومت ائين نه ڪيو آهي، پنهنجي روايتي سستيءَ جي ڪري متاثرن جي غم ۽ غصي ۾ اضافوٿيڻ فطري عمل ٿي وڃي ٿو، پر ان جو مقصد اهو بلڪل به نه آهي ته قانون کي پنهنجي هٿن ۾ کڻڻ گهرجي ۽ حالتون خراب ڪري عوام لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪجن، مچ سانحي جي موٽ ۾ اها گهر به غير منطقي آهي ته بلوچستان حڪومت کي برطرف ڪيو وڃي، اسان ان خيال جا آهيون ته مچ سانحي جي متاثر کي گهرجي ته فوري طور تي فوتين جا لاش مذهبي ريتن ۽ رسمن سان دفنائي ۽ حڪومت سان ڳالهين جو رستو کولي، صوبائي حڪومت جو گهرو وزير ۽ وفاقي حڪومت جو گهرو وزير انهن وٽ هلي آيا، انهن سان ڳالهيون ٿيڻ گهربيون هيون، پر ڳالهيون نه ٿيون ۽ ان جي ابتڙ ڳالهين جي عمل جي نفي ڪئي وئي، اسين سمجهون ٿا ته مسئلو ڪيڏو به وڏو هُجي اهو ڳالهين سان ئي حل ٿيندو آهي، احتجاج ڪيترا به ڊگها ڇو نه ٿي وڃن وري به ڳالهيون ئي ٿينديون تنهنڪري فوتين جي وارثن کي ڳالهين جو در بند ڪرڻ نه گهرجي، جڏهن ته حڪومت کي پڻ پنهنجو ڪردار موثر نموني ادا ڪرڻ گهرجي.

مچ سانحي بعد ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيل صورتحال جنهن توجهه جي طالب آهي، اها کيس ملڻ گهرجي، مظاهرين جيڪي روڊ ۽ رستا بند ڪري ڇڏيا آهن، حڪومت کي گهرجي ته ٽريفڪ جي روانيءَ کي جاري رکڻ لاءِ متبادل رستن کي جاري رکڻ جو بندو بست ڪري، ۽ مظاهرين کي به اها ئي گذراش ڪنداسين ته هو احتجاج جي طريقي کي تبديل ڪن جو روڊ ۽ رستا گهڻو وقت بند ڪرڻ سان مظاهرين کي عوام جي رد عمل کي منهن ڏيڻو پوندو، ۽ اهڙي صورتحال جي ڪري شهر ۾ هڪ هنگامي صورتحال پيدا ٿي ويندي.

احتجاج متاثرين جو حق آهي جڏهن ته روڊن رستن تي پنهنجن ڪم ڪارين سان محفوظ سفر ڪرڻ عوام جو حق آهي، مظاهرين کي جيڪڏهن سرڪار جي خلاف ڪا موثر تحريڪ هلائڻي آهي، احتجاج ڪرڻو آهي ته ان لاءِ پريس ڪلب جا اڱڻ، پارليامينٽ جا مهاڳ ۽ اسيمبلين جا ايوان انتهائي موثر هنڌ آهن، جتان حڪومت تي اثر به پئجي سگهي ٿو، روڊن رستن کي بند ڪرڻ سان اسين سمجهون ٿا ته فوتين جا وارث ۽ متاثرين عوام ۾ پنهنجي حمايت ۽ عقيدت وڃائي ويهندا.

اسان اهو به سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته حڪومت جي اها بنيادي ذميواري آهي ته اُها عوام جي عزت، جان ۽ مال جي هر قيمت تي ۽ هر صورت ۾ حفاظت ڪري، مچ سانحي بعد حڪومت ۽ رياست کي پنهنجيون ذميواريون ادا ڪندي هر اهو اپاءُ کڻڻ گهرجي جنهن سان مستقبل ۾ اهڙي  ڪنهن به سانحي کان بچي سگهجي جيڪو بي گناهه عوام جي قتل عام جي صورت ۾ نروار ٿئي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.