اسامه جي گاڏي مان اسان تي فائرنگ نه ڪئي وئي: پوليس جو اعتراف

اسلام آباد ( م ڊ ) اسلام آباد ۾ قتل ڪيل شاگرد اساما ستي ڪيس ۾ جوابدار پوليس اهلڪارن کي  وڌيڪ ستن ڏينهن جي جسماني رمانڊ  تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو،عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پوليس کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان سڀ هڪٻئي سان مليل آهيو.دهشتگردي جي خاتمي جي عدالت جي جج راجا جواد عباس  پوليس پاران ڪيس جي  ثبوتن کي مٽائڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.جج  ريمارڪس ڏيندي پوليس کان پڇيو ته ڇا اساما ڌاڙيل هو، هو ته شاگرد هو، گاڏي جي پٺيان تصوير  ورتي وئي، اها تصوير ڪٿي آهي جنهن ۾ اڳيان گولي هنئين وئي؟.عدالت جي جج  ريمارڪس ڏيندي پوليس کان پڇيو ته جنهن سيٽ مان نڪري پنج گوليون نوجوان کي لڳيون،اها تصوير ڪٿي آهي؟.پوليس عدالت کي ٻڌايو ته  اها تصوير ورتي ئي ناهي. جج پوليس سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جوابدارن سان مليل آهيو.اساما جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پوليس ڪيس خراب ڪري رهي آهي.هي سڀ جانور آهن.

اسامه ستي قتل ڪيس، حڪومت آءِ جي اسلام آباد کي هٽائي ڇڏيو

اسلام آباد ( م ڊ )  وفاقي حڪومت آءِ جي اسلام آباد عامر ذوالفقار کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو. وفاقي گادي واري هنڌ ۾ مبينا جعلي مبينا  مقابلي ۾ مارجڻ بعد چئن ڏينهن آءِ جي اسلامه آباد کي بدلي ڪيو ويو. سندس جاءِ تي قاضي جميل الرحمان کي نئون آءِ جي اسلام آباد مقرر ڪيو ويو آهي. جليل الرحمان قاضي کي آءِ جي اسلام آباد طور مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، هو ڪي پي ۾ فرض سر انجام ڏئي چڪو آهي. ذريعن موجب آءِ جي اسلام آباد کي شاگرد اسامه ستي جي پوليس اهلڪارن هٿان قتل واقعي بعد هٽايو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.