جديد دور جو ڀٽائيسٽ

تحرير:حسن مجتبي

سنڌ،موھن جو دڙو،  ڀٽائي، سوڀو گيانچنداڻي، ۽ شيخ ايازجو ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي  انھن شين گڏجي انور پيرزادو ٺاھيو ھو  بلڪل فراق گورکپوري چواڻي:

” مت سهل همیں جانو پھرتا هے فلک برسوں

پھر خاک سے پردے سے انسان نکلتا هے”

سنڏ ملڪ جي خاڪ مان نڪتل ھي  خاڪ يعني مٽي ھاڻو ماڻھو جنھنکي انور پيرزادو ٺھڻ ۾ صديون لڳنديون آھن

موھن جي دڙي جي مٽي مان نڪتل اھو ماڻھو جنھن جو نالو محمد پريل انور پيرزادو ھو مٽي ھاڻو ماڻھو ھو ۽ مٽي ھاڻن ماڻھن ۾ بلڪل اييئن آيو ھو جيئين ڀٽائي چيو ھو:

ماڻڪ مٽ سندوم اونداھي ۾ سوجھرو

ھي سنڌ جي اونداھي ۾ سوجھرو ڦھلائيندي ڦھلائيندي اونداھي ۾ گم ٿي ويو پر پٺتي ڇڏي ويو آھي روشني سندس ڳاليھن جي، شاعري جي، لکڻين ۽ تخليقن جي، تقريرن جي، انٽرويوز جي، ڪچھرين ۽ رولاڪين جي، کوجنائن ۽ ڊسڪورين جي، عشق ۽ يارين جي ، مھم جوئين جي ۽ محبتن جي. دلين ۽ دل وارن جي ننڊن پٺيان ڪچي جي پڪي چورن جيان، ۽ سنڌ ۽ انھي جي ماڻھن سان ٿيندڙ ويساھ گهاتين جي ووڙ پٺيان ڪنھن پيروڍي جيان.

انور پيرزادو ھڪ ڊگھي عرصي پڄاڻان ٻه ھزار ھڪ ۾ مونکي واشنگٽن ۾ مليو ھو ۽ اسين ورجينيا رياست کان پوٽامڪ ندي پار آمريڪي گادي واري شھر وڃي رھيا ھئا سين تڏھن ھن پوٽامڪ ندي ۽ ورجينيا جي ساوين ٻنين ۽  اڪثر تماڪ وارين پوکن ڏانھن  ڏسندي چيو ھو ”ابوء ھي آمريڪي پٽ ڄڻ تان سنڌ جھڙا آھن ” ۽ ڪجھ دير تائين انھن لينڊ اسڪيپس ڏانھن  نھاريندي گم ٿي ويو ھو ۽ اکيون بند ڪندي ھڪ ننڍڙي ٽٻي ھڻي ڀٽاني جي ھن بيت سان موٽي آيو ھو:

سڃو ھجي ديس ته به وھيڻي وترو

گھوريو سو پرديس توڻي ڦلن ڇانئيو

پر جي اوھين انور کي پڙھندا ته اوھان کي لڳندو ته  سنڌ ديس پنھنجي سڃائي مان نڪري سڄو ڦلن ڇانئيو بڻجي ويو آھي گھٽ م گھٽ انور وٽ ته اھڙي سڄي ديس کي پاڻ وھيڻو ۽ وترو بڻائڻ لاء ڪيئين خواب ڪيئين گيت ۽ ڪيئين ڳالھيون يا مشاھدا ھئا جيڪي ھن جي ڪتابن ۾ جا بجا ملن ٿا.

مون اڳي به چيو ھو ۽ ھاڻ ٻيھر چوان ٿو ھو سنڌ جو عاشق ۽ ان جي ھر ٺڪر ڀتر ، لاڙ وچولي ڪاڇي اتر ڪوھستان ڪراچي جي سر سر سان پيار ڪندڙ ۽ ان لاء مھاڏو اٽڪائي بيھندڙ ماڻھو ھو. ھو روشني جو سفير ھو انڪري ھنکي ھر قسم ۽ ھر سطح جي جھالت، ڪٽرپڻي پوء اھو مذھبي ھجي يا نظرياتي، ساڄي ھجي يا کاٻي، نسلي ھجي يا ذاتي يا قومي، انور انکي ھڪ وڏي نانھن سان تڙيندو ھو. ھو ڄڻ ته پنھنجن ويچارن ۾ ھوا جي سخت مخالف ڏئيو ٻاري ويٺل شخص ھو بلڪل شيخ اياز چواڻي:

ڏيئوٻار ڏيئو ٻار

تنھنجي ڌرتي ديپ ڌڪاريا

تون نه ڌڪار

ڏيئو ٻار

ٻلهڙيجي اهو  ڳوٺ آھي جيڪو سماجي ۽ سياسي شعور جي حساب سان سنڌ ڇا سموري پاڪستان ۾ به شايد ھڪ اڌ اھڙن ھنڌن مان ھڪ يا واحد ھو لاشريڪ ڳوٺ ھجي. خاص طور اتي گذاريل انور جو ننڍپڻ، صوفياڻو ماحول ، انور جا ماءُ پيءَ، انور جو قبلو سوڀو گيانچنداڻي، استاد غلام رسول منگي، ھدايت منگي، اڳوڻو ۽ ھاڻوڪو پيارو گلاب پيرزادو، ڀرپور فقير، انور جو وڏو ڀاءٌ فقير يار محمد ۽ ٻيا صوفي ڪردار ۽ موھن جو دڙو ۽ ان تي ڪم ڪندڙ جڳ مشھور آثار قديما جو ماھر  ڊاڪٽر جارج ايف ڊيلس ،عبدالرحيم پيرزادو ۽ سندس ڳوٺ جي اسڪول ۾ ٿيندڙ ڊراما، ٻييون ڪيئين ڪھاڻيون تن تي هن جي ڪتاب انٽرويو ۽ تقريرون جي هڪ انٽرويو  پڙھندڙ جي حيثيت سان منھنجي ته سئي ڪڏھوڪو اٽڪي پيئي آھي. انور وٽ ھر شيءِ” نان ڪلاسيفائيڊ ” ٿي سگھي ٿي سواء ھن جي  عشق جي جيڪو سندس ئي لفظن ۾ ڀٽائي جي ڪنڀر جي آويءَ ۾ پوريل ۽ پچندڙ ٿانءُ وانگر ھيو. ٻاھر ٻاڦ نه نڪري.

انور پنج ھزار سالن جو پراڻو سنڌي ۽ ويھين توڻي ايڪويھن صد ي جو ماڻھو ھو  هن جي لکڻين ۾ ھڪ پراڻي سنڌ جي مستند ڪٿا ۽ نئين  سنڏ جو ويزن آھي جھنن جو سرچشمو ھو بنيادي طرح ڀٽائي جي شاعري کي سمجھي ٿو. ھڪ اھڙي سنڌ جو ويزن جيڪو عورت جي مڪمل آزادي کانسواء اڻپورو آھي  ۽ انور اھڙن آدرشن م ويساھ جو عملي مظاھرو پنھنجي گھر ۽ پنھنجي ڳوٺ مان ڪيو، ھن جي ڳوٺ ۾ عورتن جو تعليم سان چاھ ۽ جاڳرتا ۾ انور جو ئي وڏو ھٿ ھو ۽ ھن ڪيئين ھنڌن تي سنڌ جي سمورين عورتن کي   ڊاڪٽر زبيدھ پيرزادو ڏسڻ پئي گھريو. ھو عورت مٿان تشدد ڪندڙ ۽ ڪارو ڪاري ڪندڙ سنڌي مرد ۽ سنڌ مٿان مستقل قومي مصيبت ڌاڙيل کي مڙس ماڻھو ته ڇا پر غيرت جي غين جي ويجھو به نٿو سمجھي.

.مونکي لڳندو آ انور سنڌ ڄائو ۽ سنڌ جي کوجنا واري رل پن ۾  ھڪ ٻيو رچرڊ برٽن ھو. اوھان ڀل رڇرڊ برٽن کي سٺو نه سمجھندا ھجو پر ھو شخص به پنھنجي دور جي سنڌ بابت  پنھنجن مشاھدن جو انور پيرزادو ھو.پر انور سنڌ کي رچرد برٽن نه پر سسئي ٿي ڪري جھاڳيو ھو. انور ۽ انور جي لکڻين جي جيڏي اڄ لوڙ آھي اوتري شايد اڳ به ھئي ڇو ته  ھو ڀٽائي جي سر رامڪلي جھڙو ھي موھن جي دڙي جو ماڻھو اڌوتي اڙٻنگ صوفي لاڪوفي مذھبي انتھاپسندي ۽ بنيادپرستي جو ڪٽر مخالف سنڌي ليکڪ ۽ انسان دوست فنڪار ھو. حيرت ڪونه ٿيندي جو ڀٽ شاھ تي صوفي يونيورسٽي وارو انور جو لکيل خواب ۽ ويزن واري ڳالھ ھاڻوڪي پي پي پي حڪومت چورائي ورتي ھجي.

ھو ھڪ جديد ڀٽائيسٽ ۽ سنڌ جو عاشق ھو، ھو خطرناڪ سنڌ پرست نه ھو.سنڌو درياءُ جي ڪروڙن سالن جي ڪٿا کانوٺي سنڌ جي فاتحن جي گھوڙن، ٽئنڪن، لانگ بوٽن توڻي قلم ھٿان لوئجڻ خلاف ھو لاڳيتو ويڙھ ۾ ھو. جيستائين سنڌ ۽ انھي جي ڳالھ ان  جي چاھڻ وارن وٽ آھي انور کي مون لاء زمان ماضي ۾ ڳالھائڻ ڏکيو آھي.ھو واحد سنڌي شاعر ۽ صحافي ھو جيڪو اڳوڻي اوڀرپاڪستان (ھاڻوڪي بنگلاديش) ، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ فوجي آپريشنن خلاف لکيو، پاڪستان م جھموريت جي بحالي واري سنڌ مان تحريڪ جي رپورٽنگ ڪندي  ۽ جيل قبوليا   "‍زندان جون ديوارون ڳوليون ڪالھ ڇڌي گھر گھاٽ اسان- چوڌاري چمڪاٽ اسان”

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.