جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

تحرير:سيد يار محمد شاهه

جهوني جوڳيءَ ٿڌو ساهه ڀريندي چيو ته “هاڻ ته ائين ٿو لڳي ڄڻ عوام کي روز نئين عنوان جي ضرورت آهي، بحث ڪرڻ لاءِ، ڳڻتي ڪرڻ لاءِ، گلائون ڪرڻ لاءِ ڪونه ڪو موضوع روز گهرجي، اڄڪلهه اپوزيشن جي ناڪاميءَ کان پوءِ وري ان تحريڪ ۾ آڪسيجن وجهڻ جو ڪوبه گس نظر نٿو اچي، سڀني کي آزادي آهي احتجاج جي، ريليون ڪڍڻ جي، يا ڌرڻا هڻڻ جي، ۽ هن کان اڳي اهڙي آزادي اسان جي ملڪ ۾ ڪانه هوندي هئي، جهڙي اڄڪلهه ميڊيا ۽ حڪومت عوام کي آزادي ڏيکاري آهي، بقول اپوزيشن جي ته عمران خان کان استعيفيٰ وٺبي، يا وري عمران خان جي لاءِ غلط زبان استعمال ڪري، هن کي ڪاوڙ ڏيارڻ جي ڪوشش به ڪئي پئي وڃي، پر هاڻ سڀني کي تسليم ڪرڻو پوندو، يا ته ملي ڀڳت ۽ نورا ڪشتي پئي هلي، يا هاڻ سڀني کي پڪ ٿي ويئي آهي ته هيءَ حڪومت هاڻ پنهنجو مدو پورو ڪندي، پر تبصري نگار اهو به چئي رهيا آهن، ته هاڻ عمران خان ايندڙ دور جو به وزيراعظم رهندو، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ عمران خان جي اتحاد کي ڪنهن به شڪ جي نظر سان نه ڏسڻ گهرجي، باجوا صاحب هن وقت ۾ مضبوط ترين جنرل آهي، ۽ جمهوريت جو ڀرپور دفاع ڪري رهيو آهي، حڪومت جون ڪيتريون ڪمزوريون سامهون آيون آهن، پر سندس عزم ۽ حڪمت عمليءَ سبب سڀئي ادارا پنهنجي پنهنجي جاءِ تي سٺي ڪارڪردگي ڪندي، پنهنجو دامن داغدار ٿيڻ کان بچائڻ جي ڪوشش به ڪري رهيا آهن، ۽ جڏهن سڄي ملڪ کي ۽ پرڏيهي قوتن کي اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته مخالفن جو اتحاد حڪومت کي لوڏي به نه سگهيو، بلڪه پاڻ ۾ ئي جيڪي فيصلا ڪيائون، انهن تان پاڻ ئي هٽي ويا آهن، استعيفائن ڏيڻ جو هاڻ شوق ڇڏي ڏنائون، بلڪه ضمني اليڪشن ۾ ۽ سينيٽ واري اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن، تنهن مان اهوئي محسوس ٿي رهيو آهي ته ڪي معاهده ٿي چڪا آهن، ۽ عوام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ نورا ڪشتي ڪئي پئي وڃي، يا فضل الرحمان کي زيرو تي آڻڻ لاءِ خرچ ڪيو پيو وڃي…؟؟؟”

ڪامريڊ سليم چيو ته “جهونا جوڳي… عمران خان پنهنجي سٺي ڪردار جي ڪري ئي عالمي ادارن وٽ به تمام گهڻو مقبول ٿيو آهي، ۽ ادارن سي پيڪ کي ڪامياب ڪرڻ جي سلسلي ۾ جيڪي ڪوششون ڪيون آهن، ان کي ناڪام ڪرڻ لاءِ آمريڪا جي هيڏي وڏي مخالفت جي باوجود به اسان جي ادارن ۽ حڪومت جي حڪمت عمليءَ سبب ملڪ دائمي غلاميءَ واريون زنجيرون ٽوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيو آهي، ته مٿان انهن ادارن جي پٺيان ڪنهن سياسي تنظيمن کي جيڪو مخالفت ڪرڻ لاءِ مواد مليو آهي، اهو صرف ميڊيا جو پيٽ ڀرڻ لاءِ ئي مليو آهي، جڏهن ته اندران اندر ملڪي ادارا سي پيڪ جي هر رڪاوٽ کي دور ڪري چائنه جي تعاون سان خطي ۾ ۽ هن ملڪ ۾ جلدي خوشحالي آڻيندا، ڪورونا جو نئون سلسلو ميڊيا ۽ يهودي ادارن سڄي دنيا ۾ ٻيهر وڏو ڏهڪاءُ وجهي ڇڏيو آهي، چون ٿا ته ٻي لهر ته خطرناڪ آهي، پر ٽي لهر ته صفا خطرناڪ آهي، ڊبليو ايڇ او جي مليل ڏوڪڙن تي اسان کي ان جون دوائون ۽ ويڪسين خريد ڪرڻي، ۽ ان کي ئي مارڪيٽ ۾ آڻڻو آهي، پر اسان جي ملڪ ۾ عمران خان لاڪ ڊائون واري پاليسي هن وقت گذريل حڪمت عمليءَ واري ترڪ ڪري، صرف ميڊيا کي پروپيگنڊه لاءِ مليل فنڊز کي استعمال ڪرڻ جي آزادي ڏيئي، خبرن ۾ ۽ شهري اسپتالن ۾ ڪورونا جو ٽينشن وڌايو ويو آهي، پر ملڪ جي 70 فيصد اندروني علائقن ۾ ساڳي صورتحال آهي، ماڻهو ڪورونا کي ڪوڙي ڪهاڻي سمجهي، ايس او پيز تي عمل نه پيا ڪن، جڏهن ته ميڊيا سيل ۾ ان ڳالهه کي وڏي اهميت ڏني ٿي وڃي، هاڻ ويڪسين وٺڻ ۽ نه وٺڻ وارو مرحلو ايندڙ دور ۾ ممڪن آهي، ته ائين غائب ٿي وڃي، جيئن ٽرمپ غائب ٿي ويو آهي، تيئن ڪورونا جي پروپيگنڊه به غائب ٿي ويندي، ۽ ڪورونا بيماريءَ جي صورت ۾ هن معاشري ۾ ممڪن آهي، ته ڪوڙي ڪهاڻي ڪري ليکي وڃي، پر عمران خان چائنه کي به خوش ڪري ٿو، آمريڪا سان به تعلقات بحال رکي ٿو، ۽ سعودي جو قرض چڪائڻ کان پوءِ وري سعودي نمائندا ۽ آمريڪي نمائندا پاڪستان آيا آهن، اهو عالمي قوتن جو يوٽرن آهي.”

تڏهن مواليءَ چيو ته “اصل حقيقت اها آهي ته عمران خان ڀلي مالڪن جي مرضيءَ سان جيترو وقت پاور ۾ رهي، پر بلاول جيڪا ان عرصي ۾ همٿ ڪري، پ پ کي ماحول ميسر ڪري ڏنو آهي، ۽ ادارن سان به مفاهمتي رويو روا رکيو آهي، ان مان وري به يقين ڪرڻ گهرجي ته سنڌ حڪومت ته پ پ کان ڪانه ڦربي، پر وفاق ۾ به هاڻ ادارن جي حڪمت عمليءَ تحت ئي پ پ کي پاور ۾ حصيداري ڏني ويندي، پر ممڪن آهي ته ايندڙ دور لاءِ عمران خان جي حڪومت جيڪڏهن ادارا ٻيهر ڏسڻ ٿا چاهين، ته پوءِ بلاول جو پورهيو ۽ حق به قبول ڪندا، ۽ حصيداري ۾ شامل ڪندا، پ پ جڏهن هاڻ نئين دور ۾ نئين منشور سان اقتدار ۾ آئي، ته پوءِ پڪ ادارن جي لاءِ خوشگوار ماحول ۽ مفاهمتي پاليسي کي دائمي پاليسي بنائي ڇڏيندي، ڳالهائڻ جي، تقريرون ڪرڻ جي، ريليون ڪڍڻ جي، هر قسم جي آزادي ڏجي، ميڊيا تي هن وقت جيڪا پاڪستان ۾ آزادي آهي، اها اهڙي آزادي ميڊيا ماسٽرن وٽ به نه آهي، مختلف چينلن کي مختلف سبجيڪٽ مليل آهن، ۽ انهن جا فنڊز به مليل آهن، جنهن تحت پاور بيلنس ٿي رهيو آهي، ۽ اهوئي نئون فارمولو هو، ۽ اهائي نئين تبديلي هئي، جيڪا هاڻ عوام قبول ڪرڻ لڳو آهي، جيتوڻيڪ ان جي پٺيان استحصالي قوتون پنهنجو ڪم ڪري رهيون آهن، جهڙوڪ اٽو، کنڊ، بجلي، پاڻي، گيس، هاڻ اهي مسئلا ميڊيا وٽ عوامي مسئلا ئي نه رهيا آهن، گهڻو وقت صرف فضول بحثن تي خرچ ڪري رهيا آهن، اهائي ميڊيا ماسٽر مائينڊ جي حڪمت عملي آهي، جنهن جا ڏوڪڙ ملن ٿا.”

تڏهن مون چيو ته “ڏوڪڙ ڪنهن کي ڪونه ٿا ملن، جيڪو به هن ملڪ سان غداري ڪري ٿو، ان کي ئي ڏوڪڙن ۽ عهدن سان نوازيو ٿو وڃي، 74 سالن جي تاريخ ۾ اڃان تائين قائد اعظم جو نظريو، ۽ پاڪستان ٺهڻ جو مقصد ئي عوام کي سمجهه ۾ نه آيو آهي، بلڪه ان کان پوءِ واحد سياسي پارٽي پيپلز پارٽي جي ذريعي عوام منشور ۽ جمهوريت جو روپ ڏٺو، ان کان پوءِ جمهوريت جي نالي ۾ قبضا گروپ جيئن قبضو ڪيو، تيئن اڃان تائين ملڪي ادارن ۽ جمهوري ادارن تي ڪنٽرول، انهن مصنوعي ماسٽرن جو آهي، جيڪي پرايا پگهاردار آهن، جن جو مقصد ئي عوام جو توجهه اصلي مقصدن کان هٽائي، ملڪي ترقيءَ کان هٽائي، عوامي اتحاد کان هٽائي، اسلامي نظرئي کان هٽائي، يهودي فحاشي جي نظام ڏانهن توجهه ڇڪائڻ ۾ هر طرح سان سوشل ميڊيا جي ذريعي ڪامياب ٿيڻ آهي، بلڪه اسان جنهن انقلاب، جنهن جمهوريت جي ڳالهه ڪريون ٿا، ان کي هلائڻ وارا موجوده نسل يا ايندڙ نسل سڀئي، سوشل ميڊيا جي ذريعي پنهنجي ذهن ۾ غلاميءَ جو توڪ ڳچيءَ ۾ پايو ويٺا آهن، هڪ طرف ميڊيا جي ذريعي اسان کي باغي بنائي، پنهنجن ادارن کان ئي نفرت ڏياري پئي وڃي، ته وري ٻئي طرف سوشل ميڊيا جي ذريعي اسان کي اسلام، اخلاق ۽ انسانيت کان به نفرت ڏياري فحاشت، جهالت اسان جي نسلن کي سيکاري پئي وڃي، بحرحال اها تباهي ان جاءِ تي پهچي چڪي آهي، جو جيستائين چائنه اسان کي ڪو دفاعي رستو يا صحيح رستو سيکاري، تيستائين يهودي لٽريچر ۽ ميڊيا ۽ حڪمت عمليءَ اسان جا نسل ئي تباهه ڪري ڇڏيا آهن، ۽ اسان جي دين اسلام کي به وڏو نقصان پهچايو آهي، ۽ دجالي قوتون پنهنجي طرف کان مطمئن ٿي، پنهنجي ناپاڪ پروگرامن کي اسان جهڙن ترقي پذير ملڪن ۾ تيزي سان آڻي، اسان کي تباهيءَ جي ڪناري تي آڻي بيهاريو آهي، ۽ هاڻ قوم پرستي ۽ وطن پرستي، اسلام پرستي وارا رجحان ختم ٿي ويا، هاڻ صرف اسان انتظار ڪري رهيا آهيون، ته پاڪستان جي مقدر ۾ آخر ڇا لکيل آهي…؟؟؟؟ ۽ ڪهڙو اسان جو صحيح رهنما آهي، جنهن جي پٺيان لڳون، يا ڪهڙو پروگرام آهي، جيڪو اسان جي مستقبل جي لاءِ درست ٿيندو، پر صرف سنڌ تعليم جي تباهيءَ جي ڪري تباهه ٿي رهي آهي، ٻيو نمبر بلوچستان کي به ساڳي نفرت جو شڪار ڪري، روز قتل عام ڪيو پيو وڃي، جو ماڻهو اڃان به پنهنجي ذبح ٿيل عزيزن جا لاشا رکيو ويٺا، عمران خان جي اچڻ جو انتظار ڪن، پر اصلي منشور ۽ اصلي ليڊر ڪڏهن ايندو، ۽ ڪير هوندو، اهو انتظار اسان کي آهي، ۽ خبر نه آهي ڪيستائين رهندو…؟؟؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.