لڳي ٿو مراد علي شاهه جي وڏوزارت وڃڻ واري آهي: حليم عادل

ڪراچي (رپورٽر) پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ چيو آهي ته ڪٿي روم ۽ ڪٿي ڪراچي 13 سالن ۾ پي پي  سنڌ کي تباهه ڪري کنڊر ۽ گٽرستان بڻائي ڇڏيو آهي، اهڙو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. حليم عادل شيخ چيو ته ماڻهن مڇرن جو شڪار آهن چورنگي جو ڇا ڪندا، ڪڻڪ چوري ڪندڙن کي بي نقاب ٿيڻ گهرجي ۽ شرجيل ميمڻ جي بنگلي ۾ ڇا ڇا ٿيندو آهي. هن چيو ته عبدالله شاهه جي پروجيڪٽ کي اڃا تائين پورو نه ڪيو ويو مراد علي پنهنجي والد جي ڇڏيل پروجيڪٽ کي به مڪمل ناهي ڪرايو. هن چيو ته جيتري فنانس ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن ٿي آهي ان پيپلز پارٽي سنڌ کي اونداهي ۾ ڌڪي ڏنو آهي. هن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير جنهن کي مان سنڌ جو نااهل اعليٰ چوان ٿو پر کيس بداخلاق به چوندس. هن چيو ته مان درست چيو هو سليم باجاري جيڪو گڏهه گاڏي تي آيو هو اڄ دبئي ۾ پراپرٽيز جو مالڪ آهي، مراد علي شاهه جي ڀڙڪين مان لڳي ٿو ته سندس وڏ وزارت وڃڻ واري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.