اين آءِ سي وي ڊي ۾ 30 آفيسر غير قانوني ڀرتي، ڪروڙن جي ڪرپشن ٿي آهي: نيب

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌهاءِڪورٽ ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اين آءِ سي وي ڊي ۾ 30 کان وڌيڪ آفيسرن جي غيرقانوني طور مقرري ۽ ڪروڙن جي ڪرپشن ٿي آهي. سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال  ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ   اين آءِ سي وي ڊي ۾ مبينا غيرقانوني ڀرتين ۽ ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران  نيب جواب جمع ڪرائي ڇڏيوآهي. نيب جواب ۾ چيو ويو آهي ته اين آءِ سي وي ڊي انتظاميا سيپرا رولز جي ڀڃڪڙي ڪندي من پسند ماڻهن کي ٺيڪا ڏنا. صحت کاتو اين آءِ اي سي وي ڊي جو رڪارڊ نه ٿو ڏئي. ڊاڪٽر نديم ۽ ٻين انتظامي عملدارن هوٽل ۽ گاڏين جي ڀاڙن سوڌو ٻي مد ۾ ڪيترائي پئسا خرچ ڪيا.  ڊاڪٽر نديم نيب مٿان لڳايل الزامن جي ترديدڪئي. جواب ۾ نيب طرفان اين آءِ سي وي ڊي جي ڊاڪٽر نديم مٿان عدالت ۾ حقيقتون لڪائڻ جو الزام هنيو. نيب پنهنجي جواب ۾ وڌيڪ چيو آهي سنڌحڪومت 2014ع کان 2020ع تائين اسپتال کي 32ارب رپين جا فنڊ ڏنا آهن .وڌيڪ چيو ويو آهي. 15ارب رپيا ڊاڪٽرن، آفيشل ۽ ملازمن جي پگهارن جي مد ۾ جاري ڪيا ويا. هرسال پگهارن ۾ واڌ ۽ مريضن جي علاج ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي. نيب جواب ۾ چيو آهي ته ڊاڪٽر نديم قمر جي خلاف 2016ع ۾ شڪايتون مليون هيون. نيب ڪراچي کي انڪوائري جي منظوري ڏني وئي .پر انڪوائري 2017ع ۾ اينٽي ڪرپشن منتقل ٿي وئي .اين آءِ سي وي ڊي جي انتظاميا خلاف وري 2018ع ۾ وڌيڪ شڪايت ملي ان تي 2019ع ۾ مقرري،پگهارون سميت ٻين معاملان جي معلومات گهري وئي . نيب چيئرمين 2020ع ٻيهر انڪوائري جي منظوري ڏني .چيف سيڪريٽري سنڌ کي ايڪشن جي لاءِ درخواست ڪئي وئي پر هن ايڪشن نه کنيو. صحت کاتو به رڪارڊ نه ڏئي رهيو آهي .ايچ آءِ آر آفيس اسپتال جي مين بلڊنگ کان ٻه ياٽي ڪلوميٽر پري آهي. درخواستگذار نيب سان سهڪار ڪرڻ جي بدران سنڌ هاءِ ڪورٽ کان پهتا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.