هيڊ ماسترن جو معاملو ڪميشن حوالي، وارثي سرٽيفڪيٽ نادرا ذريعي وٺي سگهبو

ڪراچي (رپورٽ: وقار شر ) سنڌ ڪابينا عدالت مان ايڊمنسٽريشن ليٽر ۽ وارثي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ واري ڊگهي عمل کي ختم ڪري ”ايڊمنسٽريشن ليٽر ۽ سڪسيشن سرٽيفڪيٽ بل 2020 “ لاڳو ڪرڻ  جي منظوري،  آئي بي اي پاس هيڊ ماسترن کي پڪو نه ڪرڻ ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي نوان هيڊ ماسٽر ڀرتي ڪرڻ، آبپاشي زمنين تان حددخليون هٽائڻ ۽ آفيسرن کي نيون گاڏيون وٺي ڏيڻ بجاءِ پراڻين گاڏين جي مرمت ڪري الاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙا  فيصلا گذريل ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيا ويا. اجلاس ۾ سمورن صوبائي وزيرن، قانوني صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري ۽ چيئرمين پي اينڊ ڊي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي قانون کاتي ايڊمنسٽريشن ليٽر اينڊ سڪسيشن سرٽيفڪيٽ جي حوالي سان قانون لاڳو ڪرڻ  جو هڪ آئٽم پيش ڪيو. ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو ته هن وقت ”سڪسيس ايڪٽ 1925“ تحت ايڊمنسٽريشن ليٽر اينڊ سڪسيشن سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا پيا وڃن جيڪي دائري هيٺ ايندڙ ڪمپوننٽ عدالتن ذريعي آهن. هن چيو ته عدالت کان ايڊمنسٽريشن ۽ سڪسيشن ( وارثي )  سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ هڪ ڊگهو عمل آهي ۽ اهو فقط دوکيبازي تي ضابطو آڻڻ جي مقصد لاءِ هڪ موثر ۽ تيز ميڪنزم جوڙڻ لاءِ شامل ڪيو آهي. ڄاڻايل قانون تحت مقتول جا وارث سڪسيشن سرٽيفڪيٽ وٺڻ لاءِ سڌي ريت نادرا ۾ درخواست ڏئي سگهن ٿا. ڪابينا ڄاڻايل قانون کي منظور ڪندي انهيءَ کي صوبائي اسيمبلي حوالي ڪري ڇڏيو.  اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري ڪابينا کي ڄاڻ ڏني ته 2015 ۾ آئي بي اي سکر ذريعي معاهدي جي بنياد تي 2000 هيڊماستر ۽ هيڊماسترياڻيون ڀرتي ڪيا ويا هاڻي انهن جو ڪانٽريڪٽ ختم ٿيڻ وارو آهي. تعليم واري وزير سعيد غني ڪابينا کي ٻڌايو ته عدالت سندس کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (ايس پي ايس سي) ذريعي هيڊماستر مقرر ڪيا وڃن. آبپاشي چينلن، زمينن ۽ ڪالونين تي قبضن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ڪراچي اندر ڪچي آبادين ۾ گھٽ ۽ وچولي لاڳت وارن هائوسنگ زمين جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي ته جيئن اتي گهٽ قيمت وارا هائوسنگ منصوبا شروع ڪري سگهجن.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.