”عمران اچي ته ڪهڙو فائدو ڏيندو؟ ذلفي بخاري جي ڳالهه ٻولهه تي سخت تنقيد

ڪوئيٽا( م ڊ) وزيراعظم جي خاص مددگار ذلفي بخاري هزاره برادري جي ڌرڻي ۾ ڪيل ڳالهه ٻول تي سوشل ميڊيا ۾ تنقيد جي نشاني تي اچي ويو آهي. وائرل ٿيل وڊيو ڪلپ ۾ ذلفي بخاري ڌرڻو هڻندڙ اڳواڻن کي چيو ته جيڪڏهن عمران خان اچي ته اوهان ڪهڙي ذميواري کڻندو. عمران خان هتي اچي ته اوهان  ڪهڙو فائدو ڏيندو، جنهن تي اڳواڻ کيس چون ٿا ته عمران خان جي اچڻ سان سڄي قوم جو فائدو ٿيندو. ذلفي بخاري چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ وري ڪو اهڙو واقعو ٿيو ته ماڻهو وري ڌرڻو هڻي ساڳيا مطالبا ڪندا، ائين هي سلسلو نه رڪجي سگهندو.  اتي شريڪ ماڻهو کيس چون ٿا ته وزيراعظم هتي اچي ته گهٽ ۾ گهٽ ڏکويل خاندان کي تسلي ته ٿيندي. ذلفي بخاري جي وائرل ٿيل وڊيو ڪلپ تي سوشل ميڊيا صارف باهه ٿي ويا. هزاره برادري جي سماجي ڪارڪن حميده بي بي سي کي ٻڌايو ته رياست مدينه جو سربراهه هتي اچي ڏسي ته ماڻهو ڪهڙي بي رحمي سان ماريا ويا آهن. ڪاٽو ڊگري جي سردي ۾ سندن خاندان انصاف گهرڻ لاءِ ويٺا آهن. ذلفي خلاف سوشل ميڊيا ٻري اٿي ، جنهن ۾ چيو ويو ته شهيدن جي خاندان کان فائدي جي اميد بي حسي آهي. ثاقب بشير نالي واهپيدار چيو ته هن اهڙو بي رحم پاڪستان ڪڏهن ناهي ڏٺو. هڪ صارف لکيو ته ٺيڪ آهي ذلفي بخاري ٻڌائي ڇڏيو ته عوام ڪنهن ٻئي ۾ اميد رکي. هڪ صارف ٽوڪ ۾ چيو ته عمران خان جيڪڏهن اچي ته هن کي ڪهڙو فائدو ملندو، هو جنازي ۾ شرڪت ڇو ڪري. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.