مچ سانحي خلاف چوٿين ڏينهن به لاش رکي ڌرڻو، وزيراعظم جا پهچڻ بدران دلاسا

ڪوئيٽا ( م ڊ ) مچ ۾ قتل ڪيل 11 پورهيتن جي وارثن جو رت ڄمائيندڙ ٿڌ ۾ چار ڏينهن کان ڌرڻو جاري آهي، مظاهرين بلوچستان جي وڏي  وزير جي خاطري تي به ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، وزيراعظم عمران خان هزاره برادري کي اپيل ڪئي آهي ته اهي لاشن جي تدفين ڪن، واعدو آهي ته هو ڪجهه ڏينهن بعد ڪوئيٽا جو دورو ڪندو. مچ سانحي ۾ قتل ڪيل پورهيتن جي وارثن جو ڪوئيٽا ۾ گرمي پد ڪاٽو 8 هئڻ باوجود اولهندي باءِ پاس تي کليل آسمان هيٺ پنهنجي پيارن جي لاشن سوڌو ڌرڻو جاري آهي.مظاهرين جو مطالبو آهي ته وزيراعظم عمران خان سان ملاقات کانسواءِ نه ڌرڻو ختم ٿيندو ۽ نه ئي لاشن جي تدفين ڪئي ويندي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئٽر پيغام ۾ چيو ته هو متاثرن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي، ڏکي وقت ۾ ساڻن گڏ بيٺل آهي، هو جلد تعزيت لاءِ ويندو، پنهنجي عوام جي اعتماد کي نقصان رسائڻ نه ڏيندو، هزاره برادري کي اپيل آهي ته اهي پنهنجي پيارن جي تدفين ڪن ته جيئن انهن جي روح کي سڪون ملي سگهي. وزيراعظم مچ ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ نشانو بڻيل هزاره خاندان کي خاطري ڪرائي ته سندن مطالبن ۽ ڏکيائين کان آگاهه آهيان، حڪومت ان سلسلي ۾ قدم کڻي رهي آهي، ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي قسم جا واقعا نه ٿين، اسان جو پاڙيسري ملڪ فرقيوراڻي دهشتگردي کي هوا ڏئي رهيو آهي. بلوچستان جو وڏو زير ڄام ڪمال به ڌرڻي واري هنڌ پهتو، ساڻن هڪ ڪلاڪ ڳالهيون ڪيون پر مظاهرين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ڄام ڪمال چيو ته امن امان صوبائي معاملو آهي، وزيراعظم آيو ته اهو به ساڳي ڳالهه ڪندو، منهنجي درخواست آهي ته وارث لاشن جي تدفين ڪن، وزيراعظم ۽ صدر ٻئي ايندا، هزاره برادري لاشن جي تدفين کي وزيراعظم جي آمد سان مشروط نه ڪري. مظاهرين پنهنجو مطالبو برقرار رکندي چيو ته جيسيتائين وزيراعظم نه ايندو، هو لاشن سوڌو ڌرڻو جاري رکندا. ان کان اڳ وفاقي وزير علي زيدي ۽ خاص معاون ذلفي بخاري به ڌرڻي واري هنڌ پهتا پر اهي به ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ هزاره برادري کي راضي ڪرڻ ۾ ناڪام ويا.

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) مچ سانحي خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج، ڌرڻا، تفصيل موجب مجلس وحدت مسلمين حيدرآباد پاران مچ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي واري واقعي خلاف علامه امداد نسيمي، مصطفيٰ حيدري، شميم نقوي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته مچ واقعي ۾ مارجي ويل 11 پورهيتن جي دهشتگردي واري واقعي جي جانچ ڪرائي واقعي ۾ ملوث اصل جوابدارن ۽ ذميوارن کي گرفتار ڪري پاڪستان جي عوام سامهون ظاهر ڪيو وڃي. لاڙڪاڻي ۾ شيعه علماءِ ڪائونسل ۽ مجلس وحدت المسلمين طرفان گڏجي طور تي سانحه مڇ واقعي خلاف جناح باغ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ن موقعي تي اڳواڻن عبدالرزاق جلباڻي، سيد علي رضا شاهه، مولانا رياض الحسيني، مولانا محسن علي مفڪري ۽ ٻين چيو ته بلوچستان جي علائقي مڇ ۾ دهشتگردن هٿان بيگناهه قتل ٿي ويل هزاره برادري سان واسطو رکندڙ 11 پورهيتن جي قتل ۾ ملوث دهشتگردن کي بلوچستان حڪومت گرفتار نه ڪري سگهي آهي ،ڀرياسٽي قومي شاھراھ باءِ پاس تي مولانا خادم حسين مشوري جي اڳواڻي ۾ ،بوزداروڏا ۾ علي اصغر بوزدار، غلام مرتضيٰ منگي، سڪندر ملاح ،فريدآباد ۾ سيد ظفر علي شاھ ، غلام عباس چانڊيو ، علي مراد چانڊيو ،وقار مھدي چنا،امانت چانڊيو صابر ڇٽو ،سيد اياز حسين شاھ ،جوهي ۾ مرڪز ولايت  علي پاڪستان سٽي جوهي  جي ڏنل احتجاجي سڏ تي علامه غلام مرتضيٰ ،زوار اعجاز علي سومرو ،سيٺ غلام حسين ٿهيم ،زاهد حسين باهوٽو،۽ ٻين جي اڳواڻي ، قمبر ۾ سيد ذوالفقار علي شاھ نياز کوکر غلام عباس سومرو بيدار ڏيرو اسد مهدوي ۽ ٻين سن ۾ فقير بخش کوسو اصغر مڱڻھار جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِوي تي لاکا ۾ اعظم علي شاه نواز ڪنڀر جي اڳواڻي ۾ علي آباد ۾ غلام لاشاري سيد ساجد علي جي اڳواڻي نوابشاهه ۾ علامه سيد اسد اقبال زيدي، زوار محمد حسين چانڊيو، مولانا محمد عالم مري، جعفر شاهه، جي ايم چانڊيو رتيديري ۾ سيد احسان علي شاهه ، زوار سيد اسد گل شاهه ، زوار ولايت علي ابڙو ، منظور علي جلباڻي ٺٽي ۾ مجلس وحدت المسلمين جي ڌرڻي سبب ٺٽو ڪراچي قومي شاھراھ بند ٿي وئي، ڊاڪٽر عبدالحسين شاھ، مولانا غلام شبير، مولانا محمد رمضان، مولانا اياز ۽ ٻين چيو ته ھڪ دفعو ٻيھر ھٿ وٺي بلوچستان جي امن امان کي خراب ڪرڻ جون سازشون ٿي رھيون آھن ،هوڏانهن جيڪب آباد ۾ بند علي جعفري. سيد احسان شاهه. سيد ڪامران شاهه جروار ۾ مولوي اختر لنڊ، سيد غلام ياسين شاھ ۽ امير الدين گبول ڪنڌ ڪوٽ ۾ بشير حيدري،ڊاڪٽر نثار شيخ ، ڪوٽڏيجي ۾ شيعا اڳواڻن غلام علي راڄپر مير احسان ٽالپر مولانا نظير حسين شاهه مولانا جمالدين ،ميرپورخاص ۾ مولانا سيد ضياءُ الحسن ڪاظمي، علامه بشير جوادي، مولانا اعجاز سنجراڻي، سهيل رضا ،ٽنڊو غلام علي ۾ قمبر علي ميمڻ،عبدالله ميمڻ ۽ امتياز ٻٻر ،ٽنڊومستي  خان ۾ زوار سليم رضا مري، رحم حسين مري، قمر حسين مري، استاد سبحان علي خاصخيلي، غلام رضا سيال، ارسلان سومرو، لالا باقر خان مري ،امتياز گلال، ڪفايت حسين مري، فقيرآچر گلال ٽنڊي محمدخان ۾ مولانا ذوالقرنين حيدر ، محب علي ڀٽو ، محمود الحسن ، سجاد علي ڊومڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻا هنيا ويا، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته رياست مدينه جي دعويدار حڪومت ۾ اهو بدترين دهشت گردي جو واقعو آهي جنهن جي اسان سڀ سخت مذمت ڪريون ٿا

ڪراچي ( رپورٽر ) مچ ۾ 11 پورهيتن جي قتل خلاف ڪراچي جي مختلف هنڌن تي هنيل ڌرڻن سبب ٽريفڪ جام ۽ اڏامون دير جو شڪار ٿي ويون آهن.رپورٽ موجب بلوچستان جي علائقي مچ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي جي خلاف ڪراچي جي 15 مختلف هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويا . ڌرڻن سبب شهر جي مختلف مک روڊن تي ٽريفڪ جام ٿي وئي آهي شاهراهه فيصل تي ڪالوني گيٽ، ملير 15 جي ويجهو ڌرڻو جاري آهي جنهن سبب  ڊرگ روڊ کان ملير ٻنهي ٽريڪن تي ٽريفڪ معطل آهي.ٽريفڪ پوليس موجب ماڊل ڪالوني کان قائد آباد ويندڙ ٽريفڪ کي ڪالابورڊ طرف موڙيو ويو آهي ۽ قائدآباد کان ايندڙ ٽريفڪ کي الفلاح برج کان اندروني روڊ طرف موڙيو ويو آهي. ايم اي جناح روڊ تي نمائش چورنگي تي به ڌرڻو جاري آهي جنهن سبب ڪيپري سئنيما کان گرو مندر ويندڙِ روڊ ٽريفڪ جي لاءِ بند آهي ۽ شهري ڪوريڊور تهري ۽ سولجر بازار جو رستو استعمال ڪن. يونيورسٽي روڊ تي سفاري پارڪ جي ويجهو ابوالحسن اصفهاني روڊ تي به عباس ٽائون جي ويجهو ڌرڻو هنيو پيو وڃي جنهن سبب سهراب ڳوٺ کان ٽريفڪ کي راشد منهاس روڊ طرف موڙيو ويو آهي. مسڪن چورنگي کان سهراب ڳوٺ جي ٽريفڪ کي پيراڊائز بيڪري طرف موڙيو ويو آهي.پوليس موجب نارٿ ڪراچي، پاور هائوس چورنگي ويجهو به ڌرڻو جاري آهي. جڏهن ته ڌرڻي سبب ايئرپورٽ  ويندڙ مسافرن کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ايئرپورٽ اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ احتجاجي ڌرڻي سبب مسافرن ۽ عملي کي فلائٽس جي لاءِ ايئرپورٽ پهچڻ ۾ پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته مسافر ۽ عملي جي دير سان پهچڻ سبب اڏامن جي روانگي متاثر ٿي رهي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته خانگي ايئرلائين جي لاهور ويندڙ اڏام پي ايف 141 هڪ ڪلاڪ 14 منٽ دير سان رواني ٿي. پي آءِ اي جي ترجمان چيو آهي ته پي آءِ اي جي پشاور ويندڙ اڏام پي ڪي 350 اڌ ڪلاڪ دير سان رواني ٿي جڏهن ته ڪراچي کان سوئي جي اڏام پي ڪي 157 ٻه ڪلاڪ دير سان 12 بجي رواني ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.