ڪي اين شاهه جو شام ڍورو قدرتي پاڻي جو وهڪرو آهي: محمد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر)پاڪستان فشرفوڪ فورم پاران ڪي اين شاه جي مهاڻن کي شام ڍوري ۾ مڇي مارڻ کان روڪڻ ۽ کين لائسنس فراهم نه  ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پاڪستان فشرفورڪ  جي چيئرمين محمد علي شاه هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته شام ڍورو هڪ قدرتي سرڪاري پاڻي جو ڍورو آھي، ان ڍوري جي ڪپ تي ملاح رهندا آهن جن کي فشريز ڊپارٽمينٽ هر سال لائسنس جاري ڪندو آھي پر هن سال انهن کي لائسن جاري نه ڪيو ويو آهي.متاثر ٿيندڙ ملاح ڪي اين شاه ۾ بک هڙتال تي ويٺل آهن ۽ بک هڙتال کي 13 ڏينهن ٿي چڪا آهن پر انهن جو آواز نه پيو ٻڌو وڃي. پاڪستان فشرفوڪ فورم کي ٻڌايو ته فشريز کاتي جا عملدار هڪ مقامي وڏيري کي قبضو ڏيڻ لاءِ کين لائسنس جاري نه ڪري رهيا آهن.فشريز کاتي پاري مقامي ماهيگيرن کي چيو ويو آهي ته اهي پاڻ مڇي ماريندا، جيڪو هڪ غير قانوني قدم آهي.اهو ڍورو اٽڪل 1،000 ايڪڙن تي ٻڌل آهي. احتجاج ڪندڙ ملاحن ۾ 15 لائسنس رکندڙ ملاح آهن، جن کي 2020 ۾ لائسنس جاري نه ڪيا ويا آهن..محمد علي شاه ٻڌايو ته ٺيڪيداري نظام ختم ٿيڻ باوجود سنڌ ۾ 600 مٺا پاڻي هن وقت به غير قانوني طور سياسي ماڻهن ,ڪامورن ۽ مقامي بااثر ماڻهن جي قبضن هيٺ آهن.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.