گيس بحران سبب ڪارخانن کي تالا، ڄامشوري ضلعي جون 12 فيڪٽريون بند

ڪوٽڙي/ ڄامشورو (نمائندا) سنڌ ۾ گئس جو بحران نه ٽريو، ڄامشوري ضلعي جون 12 کان وڌيڪ مختلف فيڪٽريون عارضي طور بند ٿي ويون. ڪوٽڙي  ۽ نوري آباد جون وڏيون صنعتون گئس جي کوٽ سبب بند ڪيون ويون. سئي سدرن گئس ڪمپني پاران گئس فراهم نه ڪرڻ سبب 12 کان مٿي فيڪٽريون هلڻ ممڪن نه رهيون جنهن سبب کين عارضي طور تي تالا لڳايا ويا. چئمبر آف ڪامرس جي صدر ضياء الرحمان جو چوڻ هو ته  گئس جي فراهمي نه هجڻ  سبب نوري آباد صنعتي زون ۾ 7 ۽ ڪوٽڙي ۾ 5 فيڪٽريون بند ڪيون ويون آهن. بند ڪيل فيڪٽرين ۾ ڌاڳي، گتي، پيپر، گلاس ۽ ڪيبل ٺاهڻ واريون ڪمپنيون شامل آهن. ضياءَ الرحمٰن موجب توانائي جي وزارت سان ايل اين جي ۽ گيس جا اگھه 786 رپين مان وڌائي 930 رپيا ڪرڻ تي اتفاق ٿيو هو پر ان تي به عمل ڪرڻ بدران گئس جي فراهمي ئي بند ڪئي وئي. گئس فراهمي بند ٿيڻ ڪري صنعتي ادارن جو ڏيوالو نڪري ويو آهي. فيڪٽريون بند ٿيڻ ڪري ٽن شفٽن ۾ پورهيو ڪندڙ هزارين پورهيت بيروزگار پڻ ٿي ويا آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.