هر اسڪول جو دورو نٿو ڪري سگهان: سعيد غني

ڪراچي: سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته تعليم واري کاتي ۾ 37 هزار آساميون خالي آهن جن کي ميرٽ جي بنياد تي  ڀريو ويندو، اهڙو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ سوالن جوابن واري وقفي دوران ميمبرن جي لکت ۽ ضمني سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ ۾ 3 هزار اسڪول جيڪي گرائونڊ تي نه هئا انهن کي سسٽم مان ڪڍيو ويو آهي. اسڪول بند هئڻ جا مختلف سبب آهن جتي هڪ اسڪول جي ضرورت هئي اتي هڪ کان وڌيڪ بڻايا ويا ۽ ان ڏس ۾ ڪا به منصوبابندي نه ڪئي وئي هئي. تعليم واري وزير چيو ته جيڪي وڌيڪ اسڪول بند ڪرڻا آهن اهي ڪنداسين ۽ جيترن اسڪولن جي ضرورت آهي ايترا ئي هلائينداسين. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن اسڪول ۾ 6 اسڪول قائم آهن پر اتي صرف ٻن جي ضرورت آهي ته چئن اسڪولن کي بند ڪيو ويندو. ڪنهن به اسڪول ۾ گهٽ ۾ گهٽ 30 ٻار هئڻ گهرجن. هن چيو ته اسڪولن جي قيام جي سلسلي ۾ آبادي کي به ڏٺو ويندو آهي. صوبائي وزير چيو ته اسڪولن جي حوالي سان اسان لاءِ ڪيترائي مسئلا ۽ چئلينج آهن. پي ٽي آءِ ميمبر حليم عادل شيخ سوال ڪيو ته اوهان ڪيترا اسڪول کولرايا آهن يا اوهان رڳو جلسا ئي ڪندا آهيو؟ جنهن تي سعيد غني چيو ته مان سياسي ڪارڪن آهيان جلسا ڪرڻ منهنجو ڪم آهي پر مان بيوقوفي تي ٻڌل سوالن جا جواب به ڏيندس. هن چيو ته 49 هزار اسڪولن جي جيڪڏهن ڪو وزٽ ڪندو ته اهو سپر مين هوندو، مان ته تمام اسڪولن جو وزٽ نٿو ڪري سگهان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.