زبردستي مذهب مٽرائڻ جا واقعا نه ٿيڻ گهرجن: سينيٽ ڪميٽي

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) سينيٽ جي انساني انساني حقن بابت فنڪشنل ڪميٽي جي اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ قتل ٿيل نوجوان اسامه، صحافين  جي تحفظ جي حوالي سان بل جي موجوده صورتحال، ڪرڪ ۾ ٽوڙيل مندر ۽ فيصل آباد ۾ مسيحي ڇوڪريءَ جي اغوا ۽ زبردستي شادي جي معاملن جو جائزو ورتو ويو. ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر محمد علي خان سيف جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس کي فيصل آباد جي ايس ايس پي انويسٽيگيشن، فيصل آباد ۾ اغوا ٿيل ڇوڪري جي ڪيس جي حوالي سان بريفنگ ڏني، هن ٻڌايو ته مسيحي ڇوڪري جي وارثن جي شڪايتن تي ميجسٽريٽ جي سامهون بيان رڪارڊ ڪرايو ويو، جنهن ۾ هن چيو ته هو پنهنجي مرضيءِ سان وئي ۽ مسلمان ٿي شادي ڪئي، سينيٽر طاهر بزنجو ان موقعي تي چيو ته پارليامينٽ ۾ موجود اقليتي پارليامينٽ جي ميمبرن سان گڏجي هڪ مڪينزم ٺاهيو وڃي ته جيئن اهڙي قسم جا واقعا نه ٿين. سينيٽر جمالديني شفاف جاچ ڪرائڻ تي زور ڏيندي معاملي تي جي آءِ ٽي ٺاهڻ جي سفارش ڪئي، ڪميٽي پوليس جي هن وقت تائين جي جاچ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو، اجلاس ۾ ڪرڪ ۾ مندر ڪيرائڻ جي حوالي سان ڊي پي او ڪرڪ ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڪميٽي کي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، اجلاس ۾ پوليس جي هٿان مبينه طور تي قتل ٿيل نوجوان اسامه ستي جي واقعي جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو، سينيٽر محمد علي سيف چيو ته ان واقعي ۾ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو ويو آهي، اصل حقيقتون قوم جي سامهون آنديون وڃن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.