وزيراعظم جي نوٽيس بعد کنڊ وري 100 رپيا ڪلو ٿي وئي: شيري رحمان

اسلام آباد ( م ڊ ) پ پ اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان  چيو آهي ته حڪومت کنڊ جي قيمتن  ۾ گهٽتائي ڪرڻ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام ٿي  وئي، وزير اعظم دعويٰ ڪئي ته کنڊ 81 رپيا ڪلوگرام وڪامندو،جيڪا 100 ٿي چڪي آهي.جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمان چيو ته وزير اعظم گهڻ رخي پاليسي جو ذڪر ڪندي معاشي ٽيم کي مبارڪون ڏنيون،وزير اعظم کي درخواست آهي ته هو نوٽيس نه وٺي، نه دعويٰ ڪري.هن چيو ته اسان پهرين ڏينهن کان چئي رهيا آهيون ته موجودهه حڪومت ايڊهاڪ بنيادن تي هلي رهي آهي.شيري رحمان  چيو ته  ڊسمبر 2018 ۾ کنڊ 55 رپيا ڪلوگرام  هئي، کنڊ مافيا جي حڪومت اچڻ کانپوءِ 100 رپيا ڪلوگرام ٿي چڪي آهي.هن چيو ته تباهي سرڪار  عوام جي کيسي تي اربين رپين جو ڌاڙو هڻي رهي آهي،وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا هن ڪرپشن جا ذميدار آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.