عمران خان هر وزارت ۾ فرنٽ مين رکيو آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي

ڪراچي ( م ڊ ) پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر فيصل ڪريم ڪُنڊي وزيراعظم عمران خان تي معيشت سان  واڳيل هر وزارت ۾ فرنٽ رکڻ جو الزام هنيو آهي. مراد سعيد جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي فيصل ڪريم ڪُنڊي چيو ته مراد سعيد ڪرپشن ۾عمران خان جو فرنٽ مين آهي، هن سوالن جي خوف کان بنا صحافين جي پريس ڪانفرنس ڪئي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته عمران خان جي ڪرپشن جي گواهي بلين ٽري سونامي ۽ بي آر ٽي پشاور منصوبا ڏئي رهيا آهن.  اڳوڻي اسپيڪر چيو ته اسلام آباد جي هر شاهراهه نالائق وزيراعظم جي نعرن سان گونجي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.