راولپنڊي ۾ پٽ جو اولاد نه ٿيڻ تي جوابدار زال ۽ ڌيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

راولپنڊي( م ڊ ) نصير آباد ٿاڻي جي علائقي ۾ مڙس پٽ نه ڄمڻ تي زال ۽ ننڍي ڌيءَ کي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو.راولپنڊي ۾ نصير آباد  ٿاڻي جي علائقي ۾ مڙس پٽ نه ڄمڻ تي زال ۽ ننڍڙي ڌيءَ کي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته گهر مان 32 سالن جي حنا اشفاق ۽ ڏيڍ سالن جي عنائيه جا تشدد ٿيل لاش هٿ ٿيا جنهن کان پوءِ گهر جي سربراهه کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي.مقتولا جي پيءُ ۽ معصوم ٻارڙي جي ناني محمد اشفاق جي بيان تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. بيان موجب ڌيءَ حنا اشفاق جي شادي 4 سال اڳ مجاهد نالي شخص سان ٿي ۽ هن جي ڏيڍ سالن جي ڏوهٽي عنائيه هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.