رئوف صديقي خلاف ڀرتين جي ڪيس ۾ ايندڙ ٻڌڻي تي فرد جرم

ڪراچي (رپورٽر)احتساب عدالت ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ رئوف صديقي سميت ٻين جي خلاف سمال انڊسٽريز سنڌ کاتي ۾ غير قانوني  ڀرتين جي ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي دوران  جوابدار پيش ٿيا. جڏهن ته هڪ جوابدار جي وڪيل چيو ته ريفرنس جي شريڪ جوابدار مشتاق علي لغاري فوت ٿي ويو آهي ان ڪري ڪيس ۾ نالو خارج ڪيو وڃي .عدالت تصديق کان پوءِ نالو خارج ڪندي 20جنوري تائين ڪيس ملتوي ڪري ڇڏيو آهي .عدالت ايندڙ ٻڌڻي رئوف صديقي سميت ٻين تي فردجرم لاڳو ڪندي .2008ع کان 2014ع ۾ غير قانوني ڀرتين سان قومي ناڻي کي 420ملين جو نقصان ٿيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.