سنڌ سياحت کاتي ۾ ڪرپشن ڪيس، جوابدار پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)احتساب عدالت اڳوڻي ايم ڊي سنڌ ٽوئرزم اينڊ ڪارپوريشن روشن علي  قناصرو سميت ٻين جي خلاف ريفرنس ڪيس ٻڌڻي ڪئي عدالت ۾ جوابدار پيش ٿيا .ريفرنس ۾ شريڪ جوابدار عبدالفتاح ۽عبدالمجيد سومرو پيش نه ٿيا .نيب جوابدار وقار علي شاهه جي حوالي سان رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. نيب پراسيڪيوٽر جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گهر نوٽيس موڪليو آهي ان جي خلاف ڪارروائي جاري آهي. عدالت نيب عملدارن کي حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي وقار علي شاه سميت سمورن جوابدارن کي پيش ڪيو وڃي ڪيس جي ٻڌڻي 20جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.