ڇا دهشتگردي فوج رهڻ جو جواز آهي؟ فوج سياست ۾ مداخلت ختم ڪري: فضل الرحمان

بنون( م ڊ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان وٽ ڪم جِي ٽيم آهي پر کيس ڪم وٺڻ نه ٿو اچَي، پي ڊي ايم حڪومت جو جنازو ڪڍڻ لاءِ هڪ هنڌ گڏ ٿي آهي. بنون ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته مونکي نيب آڏو سرينڊر ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو، پر مون چيو ته اهو جنرل نيازي هو جيڪو سرينڊر ٿي ويو، تاريخ شاهد آهي ته منهنجا ابا ڏاڏا ڪنهن جَي به سامهون نه جُهڪيا آهن. هن چيو ته بنون جي ماڻهن اڄ حڪومت خلاف بغاوت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، هن وقت ملڪ ۾ جيڪو معاشي بحران آهي، اُن جو مثال ملڪي تاريخ ۾ نه ٿو ملي، جيڪو عمران خان جو وفادار آهي، اُن کي غدار سمجهان ٿو، ،هن چيو ته مچ ۾ هزاره برادري سان تعلق رکندڙ پورهيتن جو قتل عام ڪيو ويو، مان واقعي جي سخت مذمت ڪريان ٿو، هزاره برادري جي مظلومن سان ڪلوڪلهي سان ملائي بيٺل آهيون، هن چيو ته دهشتگرد آزاد آهن ۽ جڏهن چاهي ڪنهن کي قتل ڪري ڇڏين ٿا جڏهن ته ڌاڙن جي سڀ کان وڌيڪ شرح اسلام آباد ۾ آهي، دهشتگردي خلاف فوج سان عوام به قربانيون ڏنيون آهن، قبائلي علائقن ۽ بلوچستان مان فوج کي واپس گهرايو وڃي،هن چيو ته فوج هوندي دهشتگردي ٿي رهي آهي، ڇا دهشتگردي فوج جي رهڻ جو جواز آهي؟ هن چيو ته حڪومت هر لحاظ کان ملڪ کي تباهه ڪيو آهي، اڄ غريب ماڻهو جي قوت خريد جواب ڏئي چڪي آهي، خودڪشين تي مجبور آهن، ملڪ ٻڏي رهيو آهي ۽ هو ترقي جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، هن چيو ته اڄ پاڪستان تي ڪنهن جو اعتماد ناهي، سڀ دوست ناراض ٿي چڪا آهن،چين جو اعتماد ختم ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته 21جنوري تي ڪراچي ۾ اسرائيل نامنظور ملين مارچ ڪنداسين، اڄ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ان ڪري واضح ڪري ڇڏيان ته ڪنهن جو پيءُ به ايئن نٿو ڪري سگهي، هن چيو ته جيڪڏهن مان فوج جي معاملن ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهان ته فوج به سياست ۾ مداخلت نه ڪري،ڪٺ پتلي حڪومت کي سمنڊ ۾ غرق ڪري ساهه پٽينداسين ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته موجوده حڪومت جي قيادت ۾ معيشت ناڪاره ٿي چڪي آهي، حڪمران هاڻي منظر عام تي نٿا اچن ڇو ته کين عوام جو ڊپ آهي، هن وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته ورلڊ ڪپ تو نه بلڪه جاويد ميانداد، وسيم اڪرم، انضمام ۽ محمد مشتاق کٽرايو هو، نوازشريف دهشتگردن جي اکين ۾ اکيون وجهي نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو هو،غفور حيدري چيو ته  حڪمرانن رياست مدينه جو نالو وٺي عوام کي بکيو مرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، حڪمران کنڊ، اٽو،سيمينٽ چور آهن،جلسي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم جِي حڪمت عملي تبديل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو ۽ چيو ته حڪومت سان ڳالهين جو ڪو به امڪان ناهي، استعيفائن ۽ لانگ مارچ بابت حڪمت عملي جنوري ۾ واضح ڪنداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.