وزيراعظم بي حسي ڇڏي ڪوئيٽا وڃي: ناصر شاهه

ڪراچي (رپوٽر)سنڌ جي اطلاعات، مڪاني ادارن ، ٻيلن ۽ مذهبي معاملن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته  استعفائن کي نشانو بڻايو پيو وڃي پر ان تي وقت اچڻ تي عملدرآمد ڪيو ويندو. سڀني پنهنجي پارٽي قيادت کي  استعيفائون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن.حڪمرانن جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن اسان استعيفيٰ وٺڻ  لاءِ ٻاهر نڪرندا سين . اهڙو اظهار صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ، سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانون واري صلاحڪار بيرسٽر مرتضيٰ وهاب سان گڏ سنڌ ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ سنڌ اسيمبلي ۾ صحافين کي بريفنگ دوران ڪيو.  هن چيو ته اسان مڃون ٿا ته  ڌرڻن سان حڪومتون ختم نه ٿينديون آهن. پر اهي حڪومتون ناھن وينديون جيڪي  مضبوط ھجن، پر ھي ته ھيڏانھن ھوڏانھن جي حڪومت آهي، جيڪا سھاري تي بيٺل آهي، ھن حڪومت کي جي وڃڻ ۾ دير نه لڳندي. سيد ناصر حسين شاهه بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪابينا جو اجلاس  ۾ مچ  سانحي جي شهيدن لاءِ دعا ڪئي وئي. اسان کي احساس آهي ته سخت سردي ۾ شهيدن جا وارث پنهنجن پيارن جي ميتن سان گڏ ويٺل آهن. وزيراعظم کي انتظامي نه سھي سانحي انساني همدردي  طور تي ترت ڪوئيٽا وڃڻ گهرجي. هن چيو ته  نيشنل ايڪشن پلان تي درست طريقي سان عمل نه پيو ٿئي ان تي عمل ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته جيڪي غريبن لاءِ ھڪ ڪروڙگهر ٺاهڻ جو نعرو ھڻي رھيا ھئا انھن پھرين پنهنجي گهر  کي سستي اگهه تي قانوني شڪل ڏئي ڇڏيو ھن چيو ته ٻيٽن تي ترقي اتان جي رهواسين جي مرضي مطابق ٿيندي اتي ترقي  ترقي صرف سنڌ سرڪار ڪندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.