ٽنڊي آدم جي چوڪيدار جو خون لوڙهڻ جي ڪوشش، 3 اهلڪار آجا قرار،چالان رد

ٽنڊوآدم (رپورٽ: سليمان ساند )  ٽنڊوآدم ۾ 2 هفتا اڳ پوليس تشدد ۾ فوت ٿيل چوڪيدار جي قتل ڪيس مان جاچ آفيسر پاران ايس ايڇ او سميت 3 اهلڪار آجا قرار چالان عدالت ۾ پيش ، عدالت پاران چالان رد،  جوابدارن جي ضمانت جو فيصلو محفوظ، رپورٽ موجب ٽنڊوآدم سٽي پوليس پاران 2 هفتا اڳ هڪ عورت مسمات ڪوثر عرف دادلي لنجواڻي جي گهر مان مبينا ڦر ڪيس جي جاچ ۾ گرفتار ڪيل چوڪيدار جمن حاجاڻو جي مبينا پوليس تشدد ۾ فوت ٿيڻ جي ڪيس جي جاچ ڪندڙ ڊي ايس پي سي آءِ اي سانگهڙ جاويد اقبال چانديو ڪيس جي جاچ مڪمل ڪري چالان سول ڪورٽ ٽنڊوآدم ۾ پيش ڪندي ٽنهي نامزد جوابدارن اڳوڻي ايس ايڇ او راجا نويد سرفراز ، وڏي منشي الله بخش ڊومڪي ۽ ڊيوٽي آفيسر عزيز الله سهتو کي قتل ڪيس مان آجو قرار ڏيئي ڇڏيو ۽ نامزد جوابدارن بابت ظاهر ڪيو ويو آهي ته اهي واقعي واري وقت ٿاڻي تي موجود نه هئا انهن خلاف ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويئي آهي سول جج ٽنڊوآدم فرحان ميمڻ پوليس پاران پيش ڪيل چالان رد ڪري ڇڏيو ۽ فريادي ڌر جي وڪيل شير علي بهڻ جي درخواست تي ٽنهي نامزد جوابدارن سميت ڪيس جي فريادي فوتي چوڪيدار جي ڀاءُ امام الدين حاجاڻو ، پٽ نديم حاجاڻو جا 164 جا بيان قلمبند ڪيا ٻنهي ڄڻن بيانن ۾ ڄاڻايو آهي ته واقعي واري ڏينهن فوتي چوڪيدار جمن حاجاڻو کي اي ايس آءِ عززيز الله سهتو گهر مان گرفتار ڪري ٿاڻي تي آندو ۽ مسمات دادلي جي گهر مان ٿيل ڦر باسرائڻ لاءِ  تشدد بعد کيس وڏي منشي مٿي ۾ لٺ هنئي ۽ هو بيهوش ٿي ويو جنهن کي اسپتال کڻائي وياسين جيڪو حيدرآباد اسپتال ۾ فوت ٿي ويو هنن بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته ايس ايس پي سانگهڙ عثمان غني صديقي پوليس اهلڪارن کي بچائڻ لاءِ رڪارڊ ۾  هيرا ڦيري ڪئي آهي عدالت جاچ آفيسر جاويد اقبال چانڊيو کي حڪم ڪيو ته ڪيس جي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد ٽنهي جوابدارن اڳوڻي ايس ايڇ او راجا نويد سرفراز ، وڏي منشي الله بخش ڊومڪي، ۽ اي ايس آءِ عزيز الله سهتو پاران سندن ضمانتن لاءِ ايڊيشنل سيشن جج ٽنڊوآدم قاضي عبدالحڪيم جي عدالت ۾ داخل ڪيل درخواستن تي فريادي ڌر جي وڪيل شير علي بهڻ ۽ جوابدار ڌر جي وڪيل عبدالله خٽڪ پنهنجا دليل مڪمل ڪيا ۽ عدالت پاران فيصلو محفوظ ڪيو ويو جيڪو خميس ڏينهن ٻڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.